حيدرآباد(رپورٽر+م ڊ) پ پ سنڌ جي سينيئر اڳواڻ. اڳوڻي سينٽر مولابخش چانڊيو حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته يوسف رضا گيلاني کي سنڌ بابت ڳالھائڻ جو ڪو حق ناھي، گيلاني واري پ پ ڪئنال مخالف نه ھوندي، پ پ سنڌ هن جي ڳالهين سان متفق نه هوندي، يوسف رضا گيلاني پ پ جو چيئرمين ناھي. پ پ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آھي،هن چيو ته بلاو ڀٽو زرداري تڪراري ڪئنالن جي مخالفت ڪئي آھي،صدر آصف علي زرداري ڪا سرڪاري ڪارروائي ڪئي هوندي پر صدر آصف علي زرداري به گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ پنھنجي خطاب ۾ چٽن لفظن ۾ چئي چڪو آھي ته سنڌ کي ڪئنالن تي اعتراض آھي ان ڪري سنڌو درياهه تي ڪئنالن جي ڪابه اجازت نٿا ڏئي سگھون. مولابخش چانڊيو چيوته سنڌو درياهه اسان سنڌواسين جو ساھ آھي. اسان سنڌو درياء تي 6 ڪئنالن جي منصوبي کي رد ڪريون ٿا. ھن چيوته پ پ سنڌجي عوام سان گڏ آھي ۽ سنڌ جو عوام پ پ سان گڏ آھي. اسان وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته ڪينالن جي منصوبي جو اعلان واپس ورتو وڃي.