ڪراچي/ حيدرآباد (م ڊ) سنڌو درياھ مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف پ پ پاران مختلف شهرن ۾ مشعل بردار ريليون ڪڍيون ويون، باقراڻي ۾ پ پ تعلقي باقراڻي پاران طارق انور سيال، اسدالله ڀٽو، سيد نعيم اختر شاهه راشدي، سيد رياض حسين شاهه، عبدالرحمان جتوئي، اسد کرل، جان محمد بروهي، ديدار علي جتوئي، حاجي محبوب انڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن مشعل بردار ريلي ڪئنال نامنظور جا نعرا هنيا، دادو ۾ پ پ تعلقي صدر بابن خان پنھور، غلام مرتضيٰ قمبراڻي، عرفان سولنگي، گل حسن، محمد حسن قمبراڻي، ڪامران شاھاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف چوراھن کان ٿيندي دادو پريس ڪلب پھتي، جتي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سنڌو تي ڌاڙو نامنظور وفاق توسان جھيڙو آ نه کپن نه کپن سنڌو تي ڪئنال نه کپن جا نعره ھنيا، مٽياري ۾ پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري سيد فضيل حبيب شاھ، تاج محمد نوحپوٽو، وڏيرو يوسف ڇٽو، غلام اڪبر ڀٽو، سيد اميد علي شاھ. امتياز پھوڙ، جميل منگواڻو، منور دايو، شمن سھتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھاشمي ھائوس کان پريس ڪلب تائين مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي، ريلين کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پيپلزپارٽي کي ڪنھن به صورت ۾ تڪراري ڪئنال قبول ناھن، سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف جھڙا پيپلزپارٽي احتجاج ڪيا آھن اھڙا ڪنھن پارٽي نه ڪيا آھن باقي سنڌ جي ڪجھه مخالف پارٽين جو منشور ئي پيپلزپارٽي خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ آھي، اھي چند ماڻھو وٺي ٻه ڏينھن احتجاج ڪري گھر ويھي رھيا پر پيپلزپارٽي پھرين ڏينھن کان مسلسل احتجاج ڪري رھي آھي، اسان وري به چئون ٿا ته پيپلزپارٽي ڪنھن به صورت ۾ ڪئنال قبول نه ڪندي ان ڪري سنڌ جا ماڻھو ڳڻتي نه ڪن.