نفسياتي طب جو ماهر پروفيسر هارون احمد لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان جو مشهور نفسياتي ماهر پروفيسر سيد هارون احمد ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هو ڪيترن ئي مهينن کان فالج جو شڪار هو ۽ گهر ۾ ئي سندس علاج هلندڙ هو. جناح اسپتال جي نفسيات جي شعبي جي اڳوڻي انچارج، پروفيسر سيد هارون احمد جي جنازي نماز اڄ جمعي نماز کان پوءِ مسجد ابوبڪر صديق، بلاول چورنگي، ڪلفٽن بلاڪ 2، ۾ ادا ڪئي ويندي. مرحوم جي تدفين ڪورنگي ڪريڪ ويجهو، ڪورنگي نمبر 1.5 قبرستان، چڪرا ڳوٺ ۾ ڪئي ويندي. پروفيسر هارون پونئرن ۾ هڪ گهرواري، ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي ڇڏي آهي. سندس ملڪ ۾ ذهني  صحت جي سهولتن جو بنياد وجهڻ ۾ اهم ڪردار رهيو، ان سان گڏوگڏ، هو سماجي ۽ سياسي تحريڪن ۾ به سرگرم رهيو. هو انساني حقن، اقليتن جي حقن، ۽ سيڪيولرازم جي جدوجهد لاءِ پڻ سڃاتو وڃي ٿو. هن تقريبن 6 ڏهاڪا طب جي شعبي ۾ خدمتون انجام ڏنيون. پروفيسر هارون احمد جناح اسپتال جي نفسيات شعبي جو هيڊ به رهيو ۽ رٽائر ٿيو، هن 1987 کان 1991 تائين جناح ۾ انچارج طور خدمتون انجام ڏنيون، کيس ڪيترن ئي ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو. جناح اسپتال ۾ نفسيات شعبي جي اڳوڻي هيڊ پروفيسر اقبال آفريدي موجب جناح اسپتال جو سربراهه کيس وڏين تقريبن ۾ دعوت ڏيندو هو. نه رڳو جناح اسپتال پر سڄي ملڪ ۽ دنيا ۾ به سندس شاگرد موجود آهن، جيڪي سندس لاڏاڻي تي سندس علم ۽ تعليم کان محروم ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.