نئون ديرو(رپورٽ: محمد علي جروار) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌوءَ تي ڪئنال ڪڍڻ جي هڪ ڀيرو ٻيهر ترديد ڪندي چيو آهي ته جڏهن ڪئنالن جي منظوري ئي ناهي ملي ته پوءِ اهي تعمير ڪيئن ٿيندا؟، ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي جي ايم اين ايز کانسواءِ وفاقي حڪومت ڪِري پوندي ۽ جيڪڏهن ڪئنال ٺهيا ته وفاقي حڪومت جي حمايت ڪرڻ ڇڏي ڏينداسين، سنڌ جو ڪيس انتهائي مضبوط آهي، ان لاءِ پراعتماد آهيان، پيپلز پارٽي سنڌ جي مفاد خاطر هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو ته ڪئنالن جي مخالفت ڀلي ڪئي وڃي پر پيپلز پارٽي جي مخالفت نه ڪرڻ گهرجي، منهنجو خط سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي، ماڻهو غلط ڄاڻ پکيڙي رهيا آهن، غلط ڳالهيون هلائي پ پ کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، اسين سمورين سازشن کي ناڪام بڻائينداسين، ماڻهن کي گمراهه ڪري پ پ کي ٽارگيٽ نه ڪيو وڃي، هن چيو ته ايڪنڪ اجلاس جي ايجنڊا ۾ ڪئنالن جو معاملو نه هو، آئين موجب هر ٽن مهينن ۾ سي سي آءِ جو اجلاس ٿيڻ گهرجي پر اڃا تائين اهو اجلاس ناهي ٿيو، ارسا سي سي آءِ اجلاس کان ڀڄي پئي، اجلاس ٿيندو ته اتي به ڪئنالن خلاف پنهنجو موقف رکنداسين، ڪئنالن خلاف اسان جو ڪيس مضبوط آهي، صدر آصف علي زرداري دنيا جي سامهون چئي چڪو آهي ته ڪئنالن جي حمايت نه ڪنداسين، اسين چاهيون ٿا ته صوبن ۾ هم آهنگي ضروري آهي، وزيراعظم کي درخواست آهي ته هو ڪئنالن جو منصوبو فوري طور تي واپس وٺي، ان کان اڳ مراد علي شاهه ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد مير شاهنواز ڀٽو، مادر جمهوريت محترمه بيگم نصرت ڀٽو جي مزارن تي حاضري ڀري، گل چاڙهيا ۽ فاتحه خواني ڪئي، ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، سعيد غني ۽ ندا کھڙو ساڻس گڏ هئا.