گجرات (م ڊ) پنجاب جي صنعت ۽ واپار بابت صوبائي وزير چوڌري شافع حسين چيو آهي ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جو مسئلو حل ٿيڻ گهرجي، گجرات ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر کي هن مسئلي جي حل لاءِ ان ڪيمرا اجلاس گهرائڻ جي تجويز ڏني آهي، اميد آهي ته هي مسئلو جلد حل ڪيو ويندو، جيستائين ڪالا باغ ڊيم تي اتفاق راءِ نه ٿو ٿئي، تيستائين واهن تي ننڍا ڊيم ٺاهڻ گهرجن، جيڪي 30 ميگا واٽ تائين بجلي پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.