سنڌو درياهي نظام تي ڌاڙا: ڪارپوريٽ فارمنگ جو خطرو

تحرير: پيرل آزاد

هاڻي، نئين دور ۾ گرين پاڪستان انيشيئيٽو جي نالي سان ڪارپوريٽ فارمنگ جو هڪ نئون منصوبو آندو پيو وڃي، جنهن سان شايد معلوم تاريخ ۾ 78 سالن دوران ڪنھن به درياهي سلسلي تي ايڏا وڏا ڌاڙا نه لڳا هجن. هن نئين منصوبي تحت، پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ خاص طور تي سنڌ ۾ زرعي زمينون پرڏيهي ۽ ملڪي وڏين ڪمپنين حوالي ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، جيڪو مقامي آبادگارن، ننڍن هارين ۽ سنڌ جي زراعت تي سنوان سڌا انتهائي خطرناڪ اثر وجهي ٿو.

سنڌو درياهي نظام تي ڌاڙن جو تاريخي پسمنظر ڏسجي ته 1947ع کان اڳ به سنڌو درياھ جي پاڻيءَ تي قبضي جون ڪوششون ٿينديون رهيون پر ورهاڱي کانپوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي. 1960ع ۾ ٿيل انڊس واٽر ٽريٽي جي ذريعي پاڪستان پنهنجن ٽن دريائن ستلج، بياس ۽ راوي تان هٿ کڻي ورتو، جنهن سان هندستان کي پاڻيءَ تي مڪمل ڪنٽرول مليو. ان معاهدي تحت، پاڪستان کي سنڌو، چناب ۽ جهلم دريائن تي حق ڏنو ويو، جنهن جو اثر سنڌ تي پيو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي زراعت جو دارومدار انهن دريائن تي رهيو آهي. انڊس واٽر ٽريٽي کانپوءِ پاڪستان ۾ به وڏن ڊئمن ۽ لنڪ ڪئنالن جو سلسلو شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ تربيلا ڊئم، منگلا ڊئم ۽ بعد ۾ چشما-جهلم لنڪ ڪئنال، تونسا-پنجند لنڪ ڪئنال ۽ ٻين منصوبن سنڌ جي پاڻيءَ جي ورڇ تي وڏو اثر وڌو.

لنڪ ڪئنالن جو بنيادي مقصد پاڻيءَ جي ورڇ کي بهتر بنائڻ ظاهر ڪيو ويو پر اصل ۾ اهي سنڌ مان پنجاب ڏانهن پاڻيءَ جي منتقلي لاءِ استعمال ڪيا ويا. مثال طور، چشما-جهلم لنڪ ڪئنال جي ذريعي جهلم درياھ جو پاڻي پنجاب جي مختلف علائقن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته تونسا-پنجند لنڪ ڪئنال به ساڳئي مقصد لاءِ ٺاهيو ويو. ان سان سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿيڻ لڳي ۽ ٿر سميت مختلف علائقن ۾ ڏڪر ۽ زرعي بدحالي عام ٿي وئي. ان سان گڏ، سنڌو درياھ ۾ مٺي پاڻيءَ جي گهٽتائي سبب سامونڊي چاڙھ به وڌڻ لڳو، جنهن ڪراچي، ٺٽو، ۽ ٻين سامونڊي علائقن ۾ زرعي زمينن کي بنجر بنائڻ شروع ڪيو.

هاڻي جڏهن ته پاڻيءَ تي اڳ ئي قبضا موجود آهن، ته هڪ نئون خطرو ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي سان سامهون اچي رهيو آهي. گرين پاڪستان انيشيئيٽو جي نالي سان هلندڙ هي منصوبو، نظرياتي طور، زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي پر عملي طور، هي سنڌ جي ننڍن آبادگارن ۽ مقامي هارين لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيندو جنهن سبب سنڌ ۾ پاڻي جو ڏڪار وڌي ويندو. هن منصوبي تحت، هزارين ايڪڙ زرعي زمين وڏين ڪمپنين کي ڏني پئي وڃي، جيڪي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي وڏي پئماني تي زراعت ڪنديون پر ان جو وڏو نقصان مقامي هارين کي ٿيندو، جيڪي اڳ ئي پاڻيءَ جي کوٽ سبب مشڪلاتن جو شڪار آهن.

ڪارپوريٽ فارمنگ جا امڪاني نقصان ڪيترن ئي پاسن کان ڏسي سگهجن ٿا. سڀ کان پهريان، سنڌ جي زرعي معيشت جي تباهي آهي. جيڪڏهن وڏين ڪمپنين کي زرعي زمينون ڏنيون وينديون ته اهي پنهنجي پيداوار وڌائڻ لاءِ پاڻيءَ جو وڏو مقدار استعمال ڪنديون، جنهن سان سنڌ جي ننڍن هارين لاءِ پاڻيءَ جي دستيابي وڌيڪ گهٽ ٿيندي. ان سان گڏ، مقامي آبادگار، جيڪي زرعي زمينن تي نسل در نسل ڪم ڪندا آيا آهن، انهن کي پنهنجي زمينن تان بيدخل ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو.

ان کان علاوه، ماحولياتي تباهي به هڪ وڏو مسئلو بڻجي ويندي. جيڪڏهن وڏين ڪمپنين کي پاڻيءَ جا خاص حق ڏنا ويا ته پاڻيءَ جي قدرتي وهڪري تي وڌيڪ بندشون وڌيون وينديون، جنهن سان سنڌو درياھ ۾ پاڻيءَ جو مقدار وڌيڪ گهٽجي ويندو. ان جو هڪ وڏو اثر سامونڊي چاڙھ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو، جيڪو اڳ ئي سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ زمينون بنجر بنائڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي.

هن صورتحال ۾ سنڌ جي عوام لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي پاڻيءَ جي حقن لاءِ مضبوط موقف اختيار ڪن. سنڌ اڳ ۾ ئي پاڻيءَ جي ورڇ بابت ٻين صوبن سان تڪرارن جو شڪار رهي آهي ۽ جيڪڏهن ڪارپوريٽ فارمنگ جو هي منصوبو لاڳو ڪيو ويو ته اهو سنڌ جي زرعي مستقبل لاءِ انتهائي نقصانڪار ثابت ٿيندو. ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف طريقا اختيار ڪرڻ لازمي آهن، جن ۾ عوامي سطح تي جاڳرتا مهم، قانوني ويڙھ ۽ سياسي طور تي مضبوط موقف اختيار ڪرڻ شامل آهن.

قانوني طور تي، انڊس واٽر ٽريٽي ۽ ٻين معاهدن کي نئين سر ڏسڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته عملي طور، انهن معاهدن جو سنڌ تي ناڪاري اثر پيو آهي. عالمي سطح تي پاڻيءَ جي ورڇ بابت نئين پاليسي جوڙي سگهجي ٿي، جيڪا سنڌ جي حقن کي تحفظ ڏئي. ان کان علاوه، سنڌ اندر پاڻيءَ جي استعمال بابت به هڪ جامع پاليسي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪا ننڍن آبادگارن جي حقن کي محفوظ ڪري سگهي.

سياسي طور تي، سنڌ جي حڪومت جيڪا اڃان تائين ھن منصوبي تي ڪک رکڻ ۾ پيش پيش آهي کي به هن معاملي تي مضبوط موقف اختيار ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن وقت سر هن معاملي تي ڌيان نه ڏنو ويو ته مستقبل ۾ سنڌ جي زراعت ۽ پاڻيءَ جا وسيلا مڪمل طور تي قبضي هيٺ اچي ويندا، جنهن جا اثر نه رڳو سنڌ جي معيشت تي پوندا پر مجموعي طور، پاڪستان جي زرعي معيشت تي به ناڪاري اثر پوندا.

عوامي سطح تي، سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي حقن بابت ڄاڻ ڏيڻ، احتجاج ڪرڻ ۽ حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن حڪومتي ۽ سياسي ڌريون وقت سر هن مسئلي کي نٿيون سمجهن ته مستقبل ۾ سنڌو درياهي نظام تي مڪمل قبضو ٿي ويندو، جنهن جو نقصان ايندڙ نسلن تائين محسوس ڪيو ويندو.

آخر ۾ اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته سنڌو درياھ ۽ ان سان لاڳاپيل پاڻيءَ جا وسيلا سنڌ جو جياپو آهن ۽ انهن وسيلن جي تحفظ لاءِ هر سطح تي ڪوششون ڪرڻيون پونديون. جيڪڏهن هن وقت عوام ۽ قيادت پنهنجون اکيون بند رکيون ته ايندڙ ڏهاڪن ۾ سنڌ جي زراعت، ماحوليات ۽ مجموعي معاشي صورتحال تباھ ٿي ويندي. ان ڪري، هي وقت آهي ته پاڻيءَ جي حقن بابت مضبوط موقف اختيار ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي زرعي مستقبل کي محفوظ رکڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.