سنڌي ادب جو برجستو شاعر، نقاد ۽ نثر نويس چندر ڪيسواڻي

چندر ڪيسواڻي! جيڪو شاعر به آھي ته نثر نويس ۽ نقاد به آھي۔ مٿي ڄاڻايل ٽنھيءَ صنفن/موضوعن تي ڪمال درجي جي مھارت ته رکندڙ آھي ئي پر مونکي تعجب ان ڳالھه تي ٿيندو آھي ته ٻين ليکڪن جيان ھيل تائين چندر جي سڃاڻپ به ڪا ھڪ صنف ڇو ناھي بڻجي سگھي؟ ان بابت ڪو فيصلو ڪري حتمي راءِ قائم ڪرڻ، پڙھندڙن لاءِ يقينن ڏکيو ڪم آھي، ان معاملي ۾ آئون پڻ منجھيل آھيان، ڇاڪاڻ ته چندر جون لکڻيون پڙھي ڪٿي به، نه ته رواجي ۽ سطحي جملي بازي پڙھڻ لاءِ ملندي آھي ۽ نه ئي وري ڪٿي ڪا مشاھداتي ڪمزوري به نظر ايندي آھي.

ايئن لڳندو آھي ته چندر ڪڏھن به محض خانه پوري ڪرڻ لاءِ يا گھڻي لکڻ واري حرص کان پنھنجي قلم کان ڪو تڪڙو ڪم ناھي ورتو۔ جنھن سان سندس لکڻين ۾ ڪا گھٽتائي، ٻولي، رواني توڙي منجھس ڪا فني ڪمزوري رھجي وئي ھجي۔ ھو ھر ڀيري ھر ليک لکڻ کان اڳ ڀرپور تياري ڪري لکندي ڏسڻ ۾ اچي ٿو، مان سمجھان ٿو ته اھو ئي عمل آھي جنھن کيس ڪنھن ھڪ صنف/ موضوع تائين محدود ٿيڻ ناھي ڏنو.

چندر ڪيسواڻي پنھنجي لکڻين ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪري ٿو، سا پڙھي مونکي ڏندين آڱريون اچيو وڃن، ڇاڪاڻ ته اھڙي اصلوڪي ٻولي، ناپيد ٿي ويل سنڌي ٻولي جا نج لفظ ۽ قديم لھجا جيڪي مون ڪجھه ”ھو ڏوٿي ھو ڏينھن، ديار دل، داستان محبت، اھي ڏينھن-اھي شينھن، ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۽ ٻين ڪتابن ۾ پڙھيا ھا، پر چندر ڪيسواڻي جي لکڻين توڙي ڪتابن جھڙوڪ ”زندگي، خواب خودڪشي، روپوش محبت ۽ نئون ادب نيون ڳالھيون“ ۾ عام جام ملن ٿا. جنھن مان سندس وسيع مطالعي جي پڪي ثابتي ۽ ٻولي سان خاص انس جو چٽو ثبوت ملي ٿو.

توڙي جو چندر ڪجھه پابند شاعريءَ به ڪئي آھي پر اھا ڄڻ نه ھجڻ جي برابر آھي، ڇاڪاڻ ته ڪنھن پابندي جو پابند بڻجي لکڻ ۽ سوچڻ سندس مزاج مخالف ڪم آھي، پنھنجي ان مزاجي مجبوري سبب ھو پابند شاعريءَ سان گھڻو نڀاءَ ڪري ته نٿو سگھي البته ڪڏھن ڪڏھن ھو غزل، وائي يا چؤسٽو وغيره لکي وٺندو آھي پر جيئن ته ھو آزاد خيال ۽ آزاد طبيعت جو مالڪ آھي ان لاءِ چندر آزاد شاعريءَ  يعني نثري نظم جھجھي تعداد ۾ لکيا آھن، جن جو ڳاڻيٽو سوَن ۾ ٿئي ٿو. جن مان سندس اھڙا ڪيترائي نثري نظم آھن جيڪڏھن انھن جو ترجمو عالمي ٻولي ۾ ڪيو وڃي ته اھي عالمي ادب ۾ پڻ مقبوليت ماڻي وٺندا، ڇو ته انھن ۾ عالمگير پيغام موجود ھئڻ سان گڏ منجھن انساني اھنجن، دکن دردن جو ذڪر پڻ سمايل آھي، جن کان دنيا جي ڪنھن به خطي جو ڪو انسان بچيل ناھي. اھا ڳالھه آئون بنا جھجھڪ جي ان لاءِ به چئي رھيو آھيان ته چندر ڪيسواڻي جي انگريزي شاعري جو ھڪ ڪتاب برقي ڇاپو آمريڪا جي ويب سائيٽ آٿرس ڊين ڊاٽ کام وارن به ڇپيو ھو، جنھن کي سٺي پذيرائي حاصل ٿي چڪي آھي.

چندر پرڪاش! جنھن کي سنڌ اڄ چندر ڪيسواڻي جي نانءَ سان سڃاڻي ٿي. جو جنم مکي روپ چند جي گھر، ڪشمور شھر ۾ ٿيو. سندس ڏاڏو مکي ھرومل وڏي ھشمت وارو انسان ھو، جيڪو ھندو برادري جو مکي ھجڻ سان گڏ وڏو زميندار، ھڪ بھادر، مانَ ۽ مرتبي وارو ماڻھو ھو۔ جنھن جي جاگير ڪشمور کان شاھه والي ۽ شاھه والي کان ويندي سون مياڻي ۽ روجھان تائين ھئي۔ جڏھن ھو پنھنجي زمين گھمڻ لاءِ اڪيلي سر نڪرندو ھو ته سندس گھوڙي جون ٽاپون ٻڌي علائقي ۾ دھشت جي علامت بڻيل ڌاڙيل به سندس رستي کان ھٽي پري ٿي ويندا ھئا۔ جڏھن ورھاڱو ٿيو ته مکي ھرو مل ڪنھن به ھندو کي شھر/ سنڌ مان لڏي وڃڻ جي اجازت نه ڏني ۽ انھن جي حفاظت جو ذمو پاڻ تي کنيائين. ورھاڱي جي وڳوڙن کان پوءِ 50 واري ڏھاڪي ۾ جڏھن حالتون معمول تي آيون ته ھن فقط پنھنجي ڀيڻ، ھند ۽ سنڌ جي ناليواري اديب ۽ شاعر ارجن چاولا جي امڙ کي نه چاھيندي به سندس خواھش جو احترام ڪندي لڏي وڃڻ جي اجازت ڏني، ڪشمور مان لڏي ويل اھو اڪيلو ڪٽنب اڄ ھندستان جي شھر علي ڳڙھه ۾ رھائش پذير آھي.

چندر ڪيسواڻي ڪميونسٽ پارٽي جو نھايت ئي سرگرم ۽ متحرڪ ڪارڪن رھيو آھي، سياسي سرگرمين دوران ھن لٺيون به کاڌيون ھونديون ته ڪي ڪشالا به ڪڍيا ھوندا ۽ پنھنجي جسم تي چاقن جا وار به برداشت ڪيا، پر نظرياتي پختگي سبب ھو پنھنجي مقصد ۽ ارادن تان پوئتي نه ھٽيو۔ سندس شاگردي وارو زمانو ھڪ وڏي سياسي ھلچل وارو زمانو ھو۔ ۽ ڪشمور ۾  گھنشام پرڪاش، مولچند ڪيسواڻي، گھنشام ديپڪ، سندر اداسي، چندر ڪيسواڻي ۽ شھر جي ٻين نوجوانن جي گڏيل ھڪ ماڙي سياسي مرڪز ۽ سياسي ڪارڪنن جي آجامگاهه يا پناھه بڻيل ھوندي ھئي، جتي شھيد نذير عباسي، حسن مجتبي، ڪامريڊ مانڌل شر، ڪامريڊ غلام رسول سھتو ٻيا سياسي اڳواڻ توڙي ڪارڪن اچي ڏينھن جا ڏينھن ترسندا ھئا. ڪشمور شھر ۾ سياسي ڪارڪنن جو مرڪز ان ماڙي تي لڳل ڇاپي کان چندر ڪجھه منٽن جي فرق سان بچي نڪتو پر ڪامريڊ مولچند ڪيسواڻي، ديا رام، منوھر، سندر اداسي ۽ گھنشام ديپڪ، جيڪو ڪجھه مھينا اڳ ديھانت ڪري ويو آھي، کي گرفتار ڪري مختلف شھرن جي ٽارچر سيلن ۾ شھيد نذير عباسي ۽ ڪامريڊ مانڌل شر کي الڳ الڳ خولين ۾ رکيو ھو، جنھن جو ذڪر ڪامريڊ مانڌل شر پنھنجي ڪتاب ”ڳچي ڳانا لوھه جا“ ۾ تفصيل سان ڪيو آھي.

چندر جيڪو ڪيئي ماجرائن ۽ لقائن جو اکين ڏٺو شايد آھي، ھو منھنجي گذارش کي مانَ ڏيندي جيڪڏھن پنھنجون يادگيريون يا آتم ڪٿا لکڻ شروع ڪري ته جيڪر ھن دور کي قلمبند ڪري سگھي ٿو. اڄ 4 اپريل تي سندس جنم ڏينھن آھي، سندس خدمت ۾ جنم جون اڪيچار وڌايون پيش ڪجن ٿيون۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.