ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ گاڏيون چوري ڪندڙ سب انسپيڪٽر گرفتار،سندس پٽ گينگ جو سربراھه نڪتو ، پوليس هٿان گرفتار جوابدارن کان جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدارن جي سهولتڪار سب انسپيڪٽر کي به گرفتار ڪري ورتو، قبضي مان شاهراهه فيصل ٿاڻي جي حد مان ڦر ڪيل گاڏي به هٿ ڪئي وئي، ڪراچي ۾ اي وي ايل سي پوليس هٿان گرفتار جوابدار کان جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ گرفتار جوابدار جي سهولتڪار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي بشير احمد بروهي ٻڌايو ته گرفتار سب انسپيڪٽر محمد عرس سولنگي ملير ڪينٽ ٿاڻي ۾ مقرر هو، شاهراهه فيصل ٿاڻي مان گرفتار سب انسپيڪٽر جي قبضي مان چوري ٿيل گاڏي هٿ ڪئي وئي آهي، ترجمان اي وي ايل سي پوليس جو چوڻ هو ته گرفتار سب انسپيڪٽر جو پٽ دانش سولنگي گينگ جو سربراهه آهي، گرفتار جوابدار وٽان هٿ آيل ڪار صبح جو چوري ڪئي وئي هئي،ايس ايس پي بشير احمد موجب ڪار لفٽر گينگ ۾ 10 کان وڌيڪ جوابدار شامل آهن، گينگ جي اڳواڻ جو 3 ڏينهن اڳ بلديا ۾ اي وي ايل سي سان مقابلو پڻ ٿيو هو، جنهن ۾ گينگ جو سربراهه دانش سولنگي پنهنجي 2 ساٿين سميت فرار ٿي ويو، مقابلي دوران 2 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار پڻ ڪيو ويو.