وفاق کي ڪئنال رٿا هر صورت ۾ واپس وٺڻي پوندي:نويد قمر

ٽنڊو محمد خان (ڊ ر ) اڳوڻي وفاقي وزير پ پ ايم اين اي سيد نويد قمر چيو آهي ته سنڌو درياءَ تي 6 نوان ڪينال قائم ڪرڻ وارو فيصلو وفاقي حڪومت کي هر صورت ۾ واپس وٺڻو پوندو . اهڙو اظهار هن ٽنڊو محمد خان ۾ ضلعي ڪائونسل جي وائيس چيئرمين غلام مصطفي جت طرفان سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو . هن چيو ته ماضي ۾ پيپلز پارٽي جي قائد شهيد بينظير ڀٽو ڪالا باغ ڊيم جي سنڌو درياءِ خلاف رٿيل منصوبي کي رد ڪرائڻ لاءِ ڪمون شهيد تي ڌرڻو هڻي ڪالا باغ ڊيم کي رد ڪرايو هو . هاڻي وري اهو ساڳيو وقت اچي ويو آهي،هن چيو ته  سنڌ صوبي جي زراعت کي تباهه ڪرڻ سان هڪ صوبي جي مخصوص علائقي کي آباد ڪرڻ وارو سرسبز منصوبو سنڌ جي عوام لاءِ سندن جياپي جو حق کسي وٺندو جنهن جي ڪري اهڙي منصوبي کي ڪنهن به صورت ۾ ٺاهڻ نه ڏنو ويندو . سنڌو تي پاڻي جي ورهاست کي 1991 واري ٺاهه جي تحت واپس ڪرايو ويندو،هن چيو ته  بلوچ عوام ۽ خيبرپختوخواهه جي عوام سان گڏ سنڌ جي عوام جي ناراضگي کي ختم ڪرڻ لاءِ اتفاق راءِ ۽ ڳالهين جي ذريعي عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرايو ويندو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.