قمبر(ڊ ر)قمبر ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدرنثار احمد کهڙو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌو درياهه تي ڊيم ۽ ڪئنالن خلاف هميشه پيپلزپارٽي اڳڀرو رهي آهي چولستان ڪئنالن لاءِ صدر پاڪستان ڪڏهن به منظوري ناهي ڏني.بلال ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري اهڙي وضاحتون ڪري چڪا آهن ڪئنال آئين جي ڏنل فورم تان منظور ٿيندا آهن ڪئنالن جا فنڊ وزير اعلي وٽ هوندا آهن اسان حڪمت عملي سان ڪئنال ختم ڪرائينداسين پاڻي سنڌ جو جياپو آهي سنڌ جي عوام کي ڪئنال ڪڏهن به قبول نه آهن اسان سنڌ جي عوام سان گڏجي هميشه جنرلن ڊڪٽيٽرن کي شڪست ڏني آهي،هن چيو ته اسان کي ويڙهائڻ لاءِ مريم نواز ڪئنالن جو معائنو ڪري ڪئنال ٺاهڻ ۾ اڳڀرائي ڪئي اسين ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته ڪالا باغ ڊيم نواز شريف نه ٺاهي سگهيو مريم نواز ڪئنال ڪيئن ٺاهي سگهندي ان موقعي تي قمر الدين گوپانگ،غلام محمد اسراڻ،محمد پنهل سومرو،سرائي ارشاد احمد لاکو، نوابزاده مشتاق احمد چانڊيو،گدا حسين گوپانگ،،لياقت علي گوپانگ،نور احمد بروهي،ڊاڪٽر نياز حسين چانڊيو، نياز حسين لاکو ۽ ساڻس گڏ هئا.