اسلام آباد(منصورعلي خان) ماه رنگ بلوچ کان پوءِ سندس پارٽي جي ٻين اڳواڻن جي گرفتارين جو سلسلو شروع ٿي ويوآهي،گرفتار ٿيلن ۾ شاه جي، ڊاڪٽر ثنا، شمس ۽ ٻيا شامل آهن.ٻئي پاسي ماهرنگ بلوچ جي آزادي لاءِ سول سوسائٽي جي 100 کان وڌيڪ شخصيتن پاران وزيراعظم کي خط لکيو ويوآهي. انهن ۾ حامد مير، افراسياب خٽڪ،فرحتالله بابر، منيزي جهانگير ۽ ٻيا شامل آهن هنن وزيراعظم کان مطالبو ڪيوآهي ته اهو معاملي ۾ مداخلت ڪندي ماه رنگ ۽ سمي دين بلوچ کي آزاد ڪرائي. اختر مينگل پاران به بي وائي سي جي اڳواڻن جي گرفتاري جي مذمت ڪئي وئي آهي ۽ سندس آزادي جو مطالبو ڪيو ويوآهي.ٻئي پاسي بلوچستان اندر قومي شاهراهن تي رات جي وقت سفر تي پابندي به لڳائي وئي آهي.