مستونگ (م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته گرفتار بلوچ عورتن جي آزادي تائين پارٽي جو ڌرڻو جاري رهندو، بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي چيف آرگنائزر ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ، سمي دين بلوچ ۽ ٻين اڳواڻن جي گرفتاري ۽ ڌرڻي تي پوليس جي ڪريڪ ڊائون خلاف وڍ کان ڪوئيٽا تائين اختر مينگل جي اڳواڻي ۾ نڪتل مارچ کي مستونگ جي علائقي لڪ پاس وٽ روڪيو ويو، جتي ٻن ڏينهن کان ڌرڻو جاري آهي، ڪالهه ظهور احمد بليدي، بخت محمد ڪاڪڙ ۽ سردار نور احمد بنگلزئي تي مشتمل بلوچستان حڪومت جي وفد ڌرڻي ۾ پهچي اختر مينگل، نواب محمد خان شاهواڻي، ساجد ترين ۽ ٻين اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون، ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اختر مينگل چيو ته حڪومتي وفد اسان سان تعاون ۽ رستو ڳولڻ بابت ڳالهايو، اسان انهن کان چيو ته اهي ڪو رستو ڳولين ۽ اسان کي ڪوئٽا وڃڻ جي اجازت ڏين، سردار اختر مينگل چيو ته حڪومت جي وفد اسان کان پڇيو ته ڇا توهان ريلي ڪڍڻ چاهيو ٿا، جنهن تي اسان چيو ته جيڪڏهن اسان ريلي ڪڍون ها ته اها خضدار ۾ ڪڍي پئي سگهياسين، اسان حڪومت کي ٻڌايو ته اسان جو واحد مطالبو عورتن جي آزادي آهي، ان لاءِ اسان ڪوئيٽا طرف مارچ ڪنداسين، اختر مينگل چيو ته جيڪڏهن حڪومت اسان کي ڪوئيٽا وڃڻ جي اجازت نه ڏني ته مستونگ ۾ ڌرڻو هڻنداسين، جيڪو عورتن جي آزادي تائين جاري رهندو، حڪومتي وفد افطار کان پوءِ بي اين پي قيادت سان ٻيهر ملاقات ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر ٻيهر ملاقات نه ٿي سگهي.