نئون ديرو(رپورٽ: محمد علي جروار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڳوٺ الهورايو سولنگي، ڳوٺ سونيفقيرياڻي ۽ ڳوٺ ملوڪ کهڙو ۾ پهچي پيپلز هائوسنگ اسڪيم تحت ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي تعمير ٿيندڙ گهرن جي هلندڙ ڪمن جو جائزو وٺڻ پهچي ويو جتي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو شرجيل نور چنو ۽ سرسو جي سي اي او ڏتل ڪلهوڙو بلاول ڀٽو زرداري کي گهرن جي تعمير جي هلندڙ ڪمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڳوٺ الهورايو سولنگي ۾ 224 گهرن مان 88 گهر تعمير ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڳوٺ سوني فقيرياڻي ۾ 32 گهرن مان 24 گهر ۽ ڳوٺ ملوڪ کهڙو ۾ 114 گهرن مان 70 گهرن جي تعمير جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اسڪيم تحت ضلعي ۾ هڪ لک 22 هزار 500 گهر تعمير ڪيا ويندا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تعمير ٿيندڙ گهرن جا دورا ڪيا جنهن دوران عورتن سان ملاقات ڪري ٺهندڙ گهرن بابت تفصيل معلوم ڪيا. ڳوٺ سوني فقيرياڻي ۾ 4 عورتن کي زمين جي مالڪيءَ جا حق ڏنا ويا. ان دوران بلاول ڀٽو زرداري کي سرسو پاران سنڌي ٽوپي ۽ گلدستو پيش ڪيو ويو. جتي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نون گهرن جي مالڪن کي ملڪيت جا حق ڏيڻ جو عمل عيد کانپوءِ شروع ڪيو ويندو ۽ خاص ڪري عورتن کي ترجيحي بنيادن تي حق ڏنا ويندا. گهر ٺاهڻ وارو واعدو پورو ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهي، مالڪيءَ جا حق ملڻ کانپوءِ اهي گهر هڪ اثاثو بڻجي ويندا جيڪي نسلن لاءِ ڪارآمد هوندا ۽ سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ دنيا جو سڀ کان وڏو منصوبو تيزيءَ سان مڪمل ٿي رهيو آهي. ان موقعي تي ايم اين اي خورشيد جوڻيجو، ايم پي اي جميل سومرو، اعجاز لغاري ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا.