شڪارپور (رپورٽ : ذوالفقار مگسي ) خانپور جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروائي دوران فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد، هڪ خانگي گارڊ به مارجي ويو، ايس ايڇ او سميت 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا، شڪارپور ضلعي جي خانپور جي ڪچي واري علائقي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ ويل پوليس ۽ ڏوھارين ۾ مقابلو ٿي پيو، ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليس اھلڪار نور محمد ڀيو شھيد ٿي ويو، جڏهن ته هٿياربندن خانگي گارڊ عبدالستار بروهي کي پاڻ وٽ قيد ڪرڻ بعد قتل ڪري ڇڏيو، آپريشن دوران ايس ايڇ او ڪوٽ شاهو رفيق معرفاڻي ۽ اهلڪار فاروق ميراڻي زخمي ٿي پيا، پوليس شهيد پوليس اهلڪار جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ خانپور اسپتال آندو، جڏهن ته خانگي گارڊ جو لاش ڏوهارين وٽ پيل هو، اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ ۽ شڪارپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي نفري خانپور جي ڪچي ۾ پھچي پهتي ۽ رينجرز جا پڻ اٽالا پهتا، جنهن بعد پوليس پاران ڏوھارين خلاف ڊرون ذريعي حملا ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ ٽن ڏوھارين جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع هئا، پوليس اھلڪار جي شھادت جو ٻڌي سندس وارث ۽ ڳوٺاڻا خانپور اسپتال پهتا، شهيد پوليس اهلڪار خانپور تعلقي جي ڳوٺ ريڊو سردارپور جو رهواسي هو، واقعي جو اطلاع گهر ڀاتين کي ملڻ شرط گهرم ۾ ڪهرام مچي ويو، شھيد اھلڪار نور محمد ڀيو کي ٽن پٽن سميت ھڪ نياڻي جي اولاد آهي، وارثن چيو ته اسان کي پنهنجي جوان تي فڪر هو اسان ايس ايس پي کان مطالبو ڪريون ٿا ته ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري اسان جي شهيد پوليس اهلڪار جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن، ٻئي پاسي ايس ايس پي شڪارپور شاهه زيب چاچڙ چيو ته شهيد پوليس جو جوان بهادري جو مظاهرو ڪندي ڏوهارين سان مهاڏو اٽڪائيندي شھيد ٿيو آهي جنهن رمضان شريف ۾ پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيندي شهادت ماڻي آهي مون کي پنهنجي پوليس تي فڪر آهي باقي ڏوهارين کي بخش نه ڪندس.