اسلام آباد/واشنگٽن (عوامي آواز نيوز) اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي پاڪستان اندر نئين قانون سازي ٿي رهي آهي بظاهر اها دهشتگردي خلاف هوندي پر ان جو اصل ٽارگيٽ سوشل ميڊيا ٿيندي.سوشل ميڊيا تي حڪومت ۽ فوج مٿان تنقيد کي روڪڻ جي لاءِ اها قانون سازي ڪئي پئي وڃي اجلاس ۾ آرمي چيف ۽ بيا جنرل به شريڪ هئا جن سوشل ميڊيا سان منهن ڏيڻ لاءِ قومي بيانيو جوڙڻ واسطي سوشل ميڊيا تي مواد نشر ڪرڻ ۽ ڪوڙين خبرن جي سدباب جو فيصلو ڪيو آهي.سو دهشتگردي تي فوڪس ته هوندو پر گهڻو فوڪس سوشل ميڊيا تي نظر اچي رهيوآهي ته ڪيئن ماڻهن جا وات بند ڪجن.ٻئي خبر اها به آهي ته 7 اپريل تي اسيمبلي اجلاس ۾ ادارن کي گهربل اختيار ڏيڻ واسطي قانون سازي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويوآهي.27 هين ترميم جي ڪوشش ٿي رهي آهي. دهشتگردي بهانو هوندو سوشل ميڊيا نشانو هوندو. اهو اجلاس اظهار راءِ جي آزادي روڪڻ لاءِ خطرناڪ اجلاس هوندو.نوان قانون فيس بوڪ ٽوئٽر سميت ٻين اهڙن سوشل فورمز جي خلاف جوڙيا ويندا،ذريعن موجب قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي اجلاس ۾ آرمي چيف چيو هو ته هاڻي گهڻو ٿي ويو،رياست جي سافٽ اميج گهڻو نقصان ڏنو آهي، هاڻي رياست خلاف هٿيار کڻندڙن ۽ رياست خلاف سوشل ميڊيا تي بي بنياد پروپيگنڊا ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي،اسان کي هاڻي سخت گير رياست ڏانهن وڃڻو پوندو، ٻئي پاسي فلاحي رياست کان سخت گير رياست بڻجڻ لاءِ حڪومت پاران واضح پاليسي اڃا سامهون ناهي آئي،ذريعن موجب عيد کانپوءِ حڪومت اهم قانون سازي ڪرڻ وڃي رهي آهي،رياست پاران جيڪي قدم کنيا ويندا انهن کي قانوني شڪل ڏني ويندي،مختلف قانونن ۾ اهم ترميمون ڪيون وينديون،عيد کانپوءِ ٻنهي ايوانن جو 7 يا 8 اپريل تي سيشن گهرايو ويندو،حڪومت جي قانوني ٽيم ملڪ کي سخت گير رياست بڻائڻ لاءِ قانوني ڪور ڏيڻ لاءِ مختلف قانونن ۾ ترميمون ۽ نئين قانون سازي لاءِ تياري ڪري رهي آهي