مورو/ڪنري(نمائندا) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو موري ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته 4 چار اپريل تي مورو ۽ نصير آباد قومي شاهراھ تي پرامن احتجاج ڪندي ڌرڻو ھنيو ويندو جنھن ۾ سنڌ جي ماڻھن کي شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏيون ٿا سنڌ جا حلالي پٽ سنڌو درياء مٿان لڳل ڌاڙي خلاف ڌرڻن ۾ ڀرپور شرڪت ڪن،هن چيو ته زرداري پٽ کي وزيراعظم ڪرڻ لاءِ درياهه جو سودو ڪيو آھي هوڏانهن رياض چانڊيو پاران اين اي 213 تي سنڌو بچايو تحريڪ ۽ پي ٽي آئي جي گڏيل اميدوار لال مالهي جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو، جاري ڪيل بيان ۾ رياض چانڊيو جو چوڻ ھو ته عمرڪوٽ، ڪنري ۽ سامارو جي رهواسين کي خبر آھي ته 18 سالن کان سنڌ جي ماڻھن عذاب ۽ ذلت جي زندگي گذاري آھي، ميرٽ جو قتل عام ٿيو آھي، غريبن کي نوڪريون ناهن سنڌ جي تعليم ختم آھي صحت جي سهولت ڪونهي سموري سنڌ جيان عمرڪوٽ ۾ تباهي ٿيل آھي سنڌ لٽيندڙ مافيا خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي