ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف اعلان ڪري ته وفاق ڪئنالن واري منصوبن جي حمايت نه ڪندو، سنڌو درياهه اسان جي زندگي آهي، وفاق کي اسان جي ڳالهه مڃڻي پوندي نه ته اسان وفاقي حڪومت ڪِيرائڻ جي سگهه رکون ٿا، ڪراچي ۾ صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ ۽ ڄام خان شورو سان گڏ سينيئر صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪئنالن وارو معاملو رڳو سنڌ جو نه پر هڙني صوبن جي هم آهنگيءَ جو آهي، هن چيو ته وزيراعظم کي اعلان ڪرڻ گهرجي ته وفاق منصوبي جي حمايت نه ڪندو، جيڪڏهن وزيراعظم اعلان نه به ڪندو تڏهن به اسان سنڌ جي عوام سان گڏ آهيون، عوام جي حقن تي سوديبازي نه ڪنداسين، سندس چوڻ هو ته سنڌو درياهه اسان جي سڃاڻپ ۽ زندگي آهي، وفاق کي سنڌ جي موقف کي مڃڻ گهرجي، مخالف ڌر چاهي ٿي ته وفاقي حڪومت ختم ٿئي، پر اسان پنهنجو فيصلو پنهنجي طريقي سان ڪنداسين ۽ وقت تي طاقت جو استعمال ڪنداسين، اسان ڪئنالن جي اڏاوت ڪنهن به صورت ۾ ٺهڻ نه ڏينداسين، مراد علي شاهه چيو ته اسان پنهنجي ملڪ بابت به سوچيون ٿا، اسان 1992ع جي پاڻي واري معاهدي خلاف آهيون، پر ان جي باوجود به اسان کي پنهنجو حق نه ٿو ملي، چاهيون ٿا سي سي آءِ اجلاس سڏايو وڃي، وڏي وزير چيو ته صدر آصف علي زرداريءَ چولستان ڪئنال جي منظوري نه ڏني، ميٽنگ جو بهانو بڻائي منظوريءَ جو تاثر ڏنو ويو، صدر کي چيو ويو هو ته واڌو زمين آباد ڪرڻ چاهيون ٿا، جنهن تي صدر چيو ته جيڪڏهن صوبا اعتراض نه ڪن ته ڀلي ڪريو، صدر وٽ ڪنهن به صوبائي منصوبي جي منظوريءَ جو آئيني اختيار ئي ناهي، اجلاس جا منٽس به غلط تيار ڪيا ويا، ان جو مطلب هرگز اهو ناهي ته هڪ اجلاس کانپوءِ توهان ڪئنال ٺاهي ڇڏيو، هن چيو ته ارسا به پاڻيءَ جو غلط سرٽيفڪيٽ ڏنو آهي، جڏهن ته پنجاب حڪومت موجب، چولستان ڪئنال لاءِ پاڻي پنهنجي حصي مان فراهم ڪيو ويندو، پر ڇا ان سلسلي ۾ پنجاب جي آبادگارن ۽ انجنيئرز کان به راءِ ورتي وئي آهي؟ ، اڳ ڪالا باغ ڊيم بابت به چيو پئي ويو ته ٺهي رهيو آهي، ساڳيو هاڻي چولستان ڪئنال بابت ٿي رهيو آهي. اڃا هي معاملو اڃا سي سي آءِ ۾ پيش ٿيڻو آهي، پروپيگينڊا ذريعي سنڌ حڪومت کي ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان ان منصوبي تي سي سي آءِ ۾ مخالفت اڃا به جاري رکنداسين، جڏهن وڏي وزير کان پڇيو ويو ته انهن ئي منٽس ۾ ڪراچي کان مونا بائو تائين ٽرين هلائي ويندي، گرين انيشيٽو تحت سنڌ ۾ زمين ڏني ويندي ۽ ان عملدرآمد ڪيو ويو آهي، هڪ پاسي اوهان منٽس کي غلط قرار ڏيو پيا ۽ ٻئي پاسي وري انهن تي عمل ٿئي پيو ؟، جنهن تي مراد علي شاهه غير واضح جواب ڏيندي چيو ته جيڪي سٺيون رٿائون آهن، انهن تي عملدرآمد ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ 54 هزار ايڪڙ زمين گرين انيشيٽو کي ڏني وئي آهي، جنهن لاءِ ڪئنالن بدران جَرَ جو پاڻي استعمال ڪيو ويندو، سنڌ حڪومت گرين انيشيٽو لاءِ قرض به فراهم ڪيو آهي، وڏي وزير واضح ڪيو ته چولستان ڪئنال نه پيا ٺهن ۽ نه ئي ٺهندا، وزيراعظم يا پاڻي ۽ توانائي واري وزير کي اعلان ڪرڻ گهرجي ته وفاقي حڪومت ان منصوبي کان لاتعلقي جو اعلان ڪري ٿي.