ڪئنالن جي تڪراري منصوبي تي غلط بياني ڪير پيو ڪري؟

اسلام آباد (شهزاد اقبال) پيپلزپارٽي به ڪئنالن خلاف احتجاج ڪري رهي آهي پر مخالفن پاران مٿن الزام هنيو پيو وڃي ته هو ڪئنالن جا ڳجهه ڳوهه ۾ حامي آهن. پرڏيهي خابرو اداري الجزيرا جي هڪ رپورٽ موجب آصف علي زرداري ڪئنالن جي حمايت ڪندي منظوري ڏني هئي. پاڪستان جي صدر جي ايڪس بيان ۾ ٻڌايو ويو هو ته صدر آصف علي زرداري کي بريفنگ ڏني وئي آهي ته گرين پاڪستان منصوبي لاءِ 6 اسٽريٽجڪ ڪئنالن جي اڏاوت ڪئي ويندي جنهن کانپوءِ صدر ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. مطلب جنهن منصوبي جي مخالف پيپلزپارٽي هاڻي ڪري رهي آهي ان جي حمايت ۽ منظوري پاڻ آصف علي زرداري گذريل سال ڏئي چڪو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته صدر ميٽنگ ۾ ڪنهن ڪئنال جي منظوري نه ڏني هئي، اجلاس جا منٽس ئي غلط ٺاهيا ويا هئا. وڏي وزير دعويٰ ڪئي ته منصوبي تي ڪم شروع ناهي ٿيو، وفاقي حڪومت سي سي آءِ مان منظوري کانسواءِ منصوبي تي ڪو ڪم نٿي ڪري سگهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پروگرام ۾ سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته آئين ۾ ناهي لکيل ته صدر ڏانهن ڪنهن منصوبي جي اين او سي وڃڻي آهي نه ئي صدر مجاز اٿارٽي آهي ڪا منظوري ڏيڻ جي، آئين ۾ سڀ پليٽ فارم ڏنل آهن.  ايڪنڪ مان منظوري ٿيڻي آهي، سي سي آءِ اجلاس ئي ناهي ٿيو ته ڪئنال نٿا ٺهي سگهن. صدر زرداري ته گڏيل اجلاس ۾ چئي ڇڏيو ته مان حمايت به نٿو ڪري سگهان. ان ميٽنگ جا منٽس غلط رڪارڊ ٿيا آهن، ميٽنگ ۾ رڳو ڪئنالن تي نه پر 10 شين تي ڳالهيون ٿيون، گرين انيشيئيٽو سميت ٻيون شيون بحث هيٺ آيون، ميٽنگ جي پريس رليز به غلط آهي. پيپلزپارٽي هميشه اهڙن منصوبن جي مخالفت ڪندي رهي آهي. پيپلزپارٽي راضي هئي ته پوءِ وزير مخالفت ڇو ڪري رهيا هئا؟ اسان ايڪنڪ سميت سڀني لاڳاپيل آفيسن ۾ ڪئنالن جي مخالفت ڪئي. وزيراعظم کي اپيل آهي ته هو پاڻ اچي اعلان ڪري ته اسان منصوبي کي دفن ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڳتي ڪنهن به فورم تي ان جو ذڪر نه ٿيندو. اهو وفاقي حڪومت يا پنجاب حڪومت جو منصوبو آهي ته هر فورم تي ڳالهائينداسين، جيڪڏهن ضرورت پئي، ڪو ٻيو اسٽيڪ هولڊر آهي ته اسان ان سان به ڳالهائينداسين پر پراجيڪٽ نه ٺهڻ ڏينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.