نئون ديرو (ن ع آ) ڳوٺ ابراهيم جي وانڍ ۽ ڳوٺ پيارو ڏاهاڻي جي جيها ۽ ڏاهاڻي برادري وچ ۾ 4 سال اڳ پيار جي پرڻي تان شروع ٿيل خوني تڪرار ۾ تازو هڪ وڌيڪ قتل ٿيو، جنهن سان مارجي ويلن جو انگ 16 ٿي ويو. نئون ديرو ڀرسان بهمڻ پلاٽ وٽ ڏاهاڻي ڌر جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ جيها ڌر جو ساجد جيهو مارجي ويو، جڏهن ته پرويز سڌايو زخمي ٿي پيو. زخمي پرويز ٻڌايو ته هو ساجد سان گڏ ڳوٺ وڃي رهيو هو ته ڏاهاڻي ڌر جي هٿياربندن مٿن سڌي فائرنگ ڪئي. واقعي بعد ڇڪتاڻ سبب ڳوٺاڻا گهرن تائين محدود ٿي ويا. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺي پوليس پڪٽون قائم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، پر عملي طور تي اُهي حڪم لاڳو نه ٿي سگهيا. پوليس جي وڏي نفري به تڪرار کي روڪڻ ۾ ناڪام رهي، جڏهن ته وڌيڪ خونريزي جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.