ڪنڌڪوٽ ۾ گڏهه گاڏو لڳڻ تان معمولي تڪرار خوني ويڙهه ۾ تبديل، 5 ڄڻا قتل

ڪنڌڪوٽ/بڊاڻي (رپورٽ: ممتاز سنڌي/مقبول مڙل) ڪنڌڪوٽ ضلعي جي بڊاڻي شهر ۾ گڏهه گاڏو لڳڻ جي معمولي ڳالهه تان بنگوار ۽ ڀٽا برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا 5 ڄڻا قتل ٿي ويا. جهيڙي کان 2 ڏينهن اڳ گڏهه گاڏو لڳڻ جي ڳالهه تان تڪرار ٿيو هو، ڌرين هڪ ٻئي کي گارگند ۽ مارڪٽ ڪئي جنهن ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿيا هئا، تنهن کانپوءِ ٻئي ڏينهن تي بنگوار برادري جا سوين هٿياربند ڀٽا برادري تي حملي لاءِ پهچي ويا. ڀٽا برادري جا ماڻهو به هٿيار کڻي نڪتا، فائرنگ سبب شهر ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، هڪ ٻئي تي سڌي فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ ڀٽا برادري جا عامر ۽ عاشق ڀٽو جڏهن ته بنگوار برادري جا شبير، احسان ۽ رحم علي بنگوار قتل ٿي ويا. فائرنگ سبب عام شهري پڻ زخمي ٿيا جن کي وارث اسپتالن ڏانهن کڻائي ويا. ڌرين جي جهيڙي ۽ فائرنگ سبب ڏهڪاءَ ۾ شهر مڪمل بند ٿي ويو. واقعي جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون جن ۾ هٿياربند سرعام فائرنگ ۽ گارگند ڪندي ڏسجن ٿا. هڪ پوليس موبائيل نظر اچي ٿي جنهن پٺيان هٿياربندن فائرنگ ڪن ٿا. هڪ لاش سندس وارث کڻائي ويندي ڏسجن ٿا ۽ علائقو جنگ جو ميدان نظر اچي ٿو.

  • معمولي تڪرار کي سوشل ميڊيا هوا ڏني، انا جو مسئلو بڻايو ويو

ڪنڌڪوٽ: ٻنهي ڌرين ۾ خوني تڪرار کي سوشل ميڊيا هوا ڏني، ذريعن موجب گڏهه گاڏو لڳڻ واري تڪرار کانپوءِ ڌرين سوشل ميڊيا تي  هڪ ٻئي کي ڌمڪيون ڏنيون جنهن کانپوءِ انا جو مسئلو بڻائي خوني تڪرار کي شروع ڪيو ويو. ان موقعي تي ضلعي جي پوليس مڪمل طور خاموش نظر آئي ۽ ٿاڻي تائين محدود رهي، ٻنهي ڌرين خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي جنهن سبب ڌرين ۾ وڌيڪ رتوڇاڻ جو خطرو وڌي ويو. پنج ڄڻن جي قتل کانپوءِ عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، مارجي ويلن جا مڙهه گهر پهچڻ تي روڄ راڙو. ڌريون پنهنجن علائقن ۾ مورچابند ٿي ويون، چونڊيل نمائندن سميت پوليس ڪو نوٽيس نه ورتو نه ئي جهيڙو روڪرائڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪيو. ڀٽا برادري الزام هنيو ته معمولي تڪرار تان گهرن تي هٿيارن سان حملو ڪيو ويو جنهن ۾ 2 ڄڻا قتل ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، بنگوار گينگ سموري علائقي کي ڏوهه ڪري تنگ ڪيو آهي، پوليس سندن ساٿاري بڻيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.