ڪراچي بار پاران ايڪنڪ اجلاس ۾سکر حيدرآباد موٽروي کي نظر انداز ڪرڻ جي مذمت

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي بار ايسوسيئشن پاران ايڪنڪ اجلاس ۾  سکر حيدرآباد موٽروي کي نظر انداز ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي،\ ڪراچي بار جو چوڻ آهي ته نائب وزيرآعظم جي سربراهي ۾ ايڪنڪ اجلاس ۾ پنجاب ۾ نئين موٽروي جي قيام جو فيصلو ڪيو ويو، حيدرآباد سکر موٽروي جي شديد ضرورت باوجود منصوبو نظر انداز ڪيو ويو، اهو فيصلو غيرمنصفاڻو ۽ انصاف جي اصولن خلاف آهي، سنڌ جي ترقياتي ترجيحن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ قومي اقتصادي منصوبا بندي ۾ ٻين صوبن کي ترجيح ڏيڻ قبول ڪرڻ جوڳو ناهي، اهڙي طرح جو جانبدار فيصلو آئين جي به خلاف ورزي آهي، اهو فيصلو سنڌ جي عوام ۾ ناانصافي جي احساس کي گهرو ڪندو، ڪراچي بار هر قسم جي ناانصافي ۽ امتيازي ورتاءُ خلاف آواز بلند ڪندي رهندي، ڪراچي بار مطالبو ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ۽ قومي اقتصادي ڪونسل فور طور تي ن فيصلي تي نظرثاني ڪري، سکر حيدرآباد موٽروي منصوبي جي وقت سر منظوري ۽ ان تي عملدرآمد کي يقيي بڻائي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.