سنڌ ۽ سنڌوءَ جي جياپي جا رستا نه روڪيو

تحرير: محمد احسان لغاري

سنڌ جي گڏيل سوچ، ضمير، سهپ، سمجهه، بنا ڪنهن وجدانيت يا جڳ کي ڏسي ”نامنظور نامنظور“ چوڻ جي، صبح جي اُڀرندڙ سج جي جيان چِٽي آهي ته ”سنڌوءَ ۽ ان سان لاڳاپيل پوري سرشتي تي ڪنهن به قسم جو ڪو به واهه، ڪو به ڪئنال، ڪا به رٿ جيڪا پاڻي کي مٿي ورائي ٿي، ڪنهن به صُورت ۾ سنڌ قبول نه ڪندي! ڪنهن به اعليٰ اقتصادي يا سياسي فائدي واري آڇ جي نتيجي ۾ ڪنهن به مقبول ترين اڳواڻي، ووٽ کڻي ايندڙ پارٽي يا ڪنهن ٻي ڌر جي ڪنهن به زور بار اڳيان، ڪنهن جي به مجبوري جي سامهون، ڪنهن به سياسي يا سماجي فرد يا پارٽي لاءِ ٻين کان ڀلي هجڻ يا سنڌ جو نسبت ”(بظاهر) وڌيڪ خيال رکندڙ جي چوڻ تي، ڪنهن به طاقتور ڌر ، صوبي يا ملڪي طؤر تي مضبوط فرد جي دٻاءُ يا منٿ ميڙ سان، سنڌ جي هن واضح فيصلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا به تبديلي ناهي اچڻي. يا ايئن صلاح ڏني وڃي ته ”بابا وچ وارو رستو وٺون ٿا، ڪنهن جي لاءِ اقتدار جي وڃڻ جي خؤف کان وٺي، ڪي صوبائي سطح تي رعايتون وٺي، هڪ بهتر مستقبل جي دلاسي تي سمجهوتو ڪجي“. سنڌ، اھڙي ڪا ڳالھه نه تسليم ڪندي!

پاڪستان جي ڏٺل خواب جي تعبير  ۽  فيڊريشن جي آئين ۾ جيڪو هر اداري ۽ فرد کان مٿانهون ۽ مقدس آهي، ان مطابق جيڪي صوبن کي مليل حق آهن، رياست جون پاڪستاني عوام ڏانهن ذميواريون آهن، ننڍا صوبا انھن۾ وڏيون وٿيون سھندا آيا آھن۔ ملڪ کي اڳتي وٺي هلڻ لاءِ، جمهوريت جا بند دروازا کولڻ لاءِ، پاڪستان جي خاطر، پاڪستان جي حڪمرانن خاطر ۽ اشرفيه جي موجن خاطر  ننڍا صوبا ان تي سمجهوتا ڪندا آيا آهن.

مرڪز ، مرڪزي وزارتن ۾، ڪئي اٿارٽين، ڪارپوريشن، ٽرسٽن، ملڪ جي اندر  ۽ ملڪ کان ٻاهر ملڪي پوزيشنس ۾ ننڍن صوبن جي نمائندگي، ڪوٽا جي حساب سان آئيني طور ڏنل حقن مطابق عددي لحاظ کان ڏهه کان ويهه سيڪڙو تائين مس آهي. معنيٰ ته جيڪڏهن ڪنهن به اداري/وزارت/ ڪارپوريشن ۾ سنڌ جون ڏهه جايون ٿين ٿيون ته ان مان ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌ کي ملن ٿيون. ڪن ادارن ۾ ته بلڪل نه آهن. سنڌ ٻين ننڍن صوبن سان گڏ ان تي سمجهوتو ڪيو ويٺي آهي.

گئس ۽ تيل جا ذخيرا جڏهن به نڪرندا رهيا آهن ته سنڌ اُهي پاڪستان جي حوالي ڪيا آهن. حوالي ڪرڻ مان مراد ته ان شهر ۽ ان ضلعي ۾ جتي اُهي ذخيرا ملن ٿا، اُتي اُها سهولت (مثلاً مئٿين گئس) ڏهاڪن پڄاڻان اچي ٿي. باقي مرڪزي ادارن ۽ مرڪز جي ترجيح مطابق اِهي وسيلا ورهايا يا ترسِيل ڪيا ٿا وڃن. سنڌ، ان تي سمجهوتو ڪري ٿي، مرڪز ته اِهو ٻڌائڻ ئي گوارا نٿو سمجهي ته آخر ايئن ڇو ڪيو ويو آهي. ايئن ناهي ته سنڌ کي پنهنجي مليل آئيني حقن بابت ڄاڻ ناهي. سنڌ سمجهوتو ڪري ٿي. پنهنجن ۽ سياستدانن جي چوڻ تي“ بابا مسين مسين  جمهوريت لاءِ ڪجهه دروازا کلي رهيا آهن. ان کي ٿورو مضبوط ٿيڻ ڏيو….” بس، سنڌ جو سمجھوتو ھلندو رھي ٿو!

وڏين ڪارپوريشن، سرڪاري  ۽ غير سرڪاري ادارن ۾ ڪجهه صوبائي وڏن ماڻهن کي ڪجهه مخصوص رعايتن، ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي، (ڪارپوريٽ سماجي ذميواريءَ) تحت ڪجهه سهولتون، ڪجهه پئسا ورهائجن ٿا. سنڌ ڏسي ٿي، پر چُپ آهي.

حڪومتي گهاڙيٽو، ڏيڍ ڏهاڪي کان مٿي حڪمراني هجڻ جي ڪري حڪومت جي وسيلن جي فيصلا سازي ڪن”فردن“  تائين محدود ٿي آمراڻي جمھوريت جو ڏيک ڏي ٿو. حڪمرانيءَ جي لڳاتاريت جي سينڊروم جي ڪري ڄڻ ”نقلي جمهوري حڪمراني“ جي واڌويجهه ٿئي ٿي. سنڌ جا پاڪستان جي آئين ۽ قانونن ۾ مليل حقن جي ترجيح  پوئتي رهجي ٿي وڃي. طرز حڪمراني جي ڪمزورين  ۽ صوبائي بهتريءَ کان ذاتي بهتري جي ترجيحن جي نتيجي ۾ سنڌ جو سياسي حڪومتي آواز ڪمزور ٿئي ٿو. سنڌ چاهيندي ۽ نه چاهيندي سمجھوتا ڪري ٿي. ووٽر، تر جا ماڻهو، ڳوٺ، تعلقو، ضلعو ۽ صوبائي طور تي هڪ نئون سماجي لاڙو، خوف  ۽ حقيقت جو احساس پيدا ڪري ٿو. ان گهاڙيٽي جي نتيجي ۾ تمام وڏي تعداد ۾ غريب عام ووٽر  ۽ سنڌ جو عوام مڪمل طور تي ڪنڊائتو ٿئي ٿو. يعني ترقي ۽ سماجي سهولتن جا (تعليم، صحت، روڊ، بجلي، پاڻي وغيرہ) ڪم مڪمل طرح رٿابندي ۾  غير پائيداري ۽ هڪ مخصوص سگهه واري گروھ کي مالي  ۽ ٻيو هر قسم جو فائدو ڏين ٿا. اِهو نئون گهاڙيٽو ذري گهٽ حاڪم  ۽ محڪوم وارو ٿي ٿو پوي. ننڍو حاڪم، ننڍيرڙو حاڪم، وچولو حاڪم، ان کان ٿورو وڏو حاڪم، انهن حاڪمن جو  حاڪم، ان تي وري مرڪزي حاڪم، حاضر ۽ غائب ضمير ۽ اسم وارو (وارا) حاڪم پنهنجي پنهنجي حاڪميت جي بلندي ۽ پستي مطابق حڪم هلائين ٿا  ۽ حڪمن جون بجا آوريون پڻ آڻين ٿا. سنڌ ۾ وقت سان گڏ وڌيل خوف، سماجي سهولتن جي غير اثرائتي خدمتن جي ڊگهي عرصي جي ڪري (ناانصافي سان گڏ) غربت ۽ بي سمجهي وڌي ٿي، پر اندر ۾ اڃان به جيئڻ جو احساس نه مئو آهي، ان ڪري سنڌ سمجهوتو ڪري ٿي. ساهه ته تڳجي ٿو. سو سنڌ رضا تي راضي رهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي!

سنڌ آهستي آهستي پنهنجي آئيني  ۽ تاريخي طور مليل وسيلن، جن جي مالڪي سنڌ وٽ پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ، ظالم حاڪم انگريز جي دؤر ۾ به تسليم ڪيل هئي، پنهنجي هٿن مان واري جيان گسڪندو ۽ کِسڪندو ڏسي ٿي. ان وچ ۾ مرڪزي ادارا، پوءِ اُهي ريلوي، پي ٽي اي، نيشنل هاءِ وي هجي يا اهڙا ڪئي ٻيا ادارا هجن، انهن جون بجيٽون، اسڪيمون، بهتريون، پراجيڪٽ  ۽ پروگرام سنڌ ۾ نسبتي طور تي گهٽ هجن ٿا يا بلڪل نٿا هجن، پر سنڌ سمجهوتو ڪري ٿي.

1998ع کان 2003ع واري ڏڪار ۾ سنڌ پاڻيءَ جي اڻاٺ جي ڪري زراعت کي گهٽ ۾ گهٽ آبادي طور قائم رکڻ لاءِ پريشان ٿئي ٿي. وري 2003ع لاڙ واري برساتي طوفان جي نظر ڪئي سئو حياتيون ٿين ٿيون. 2004ع جي شروعات ۾ ئي سنڌوءَ جو پاڻي ڪوٽڙي تائين  پهچندي پهچندي موت مار ٿي ٿو پوي. 2010ع ۾ سنڌوءَ جو سڄو پاسو ٻوڏ جي پاڻي هيٺ اچي ٿو هزارين موت ٿين ٿا ، شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پاڻي ڪاهي ٿو پوي، ڪروڙ کان مٿي  ماڻهو متاثر ٿين ٿا.سنڌ، ان قدرتي آفت کي هٿرادو بي حسي، لاپرواهي، ناچؤڪسي ۽ بيمار رٿابندي ۽ ٻوڏن جي انتظام جي ڪري هڪ تمام وڏي آفت ۾ تبديل ٿيندو ڏسي ٿي! سنڌ،  طرز حڪمرانيءَ جي ان نااهلي تي به سمجهوتو ڪري ٿي.

2011ع ۾ وري مينهن واري ٻوڏ جي ڪري ذري گهٽ کاٻي پاسي تي اٺن کان مٿي ضلعا متاثر ٿين ٿا، لکين ماڻهو دربدر ٿين ٿا. موت ٿين ٿا، ڪئي اربن جو اقتصادي نقصان ٿئي ٿو. حڪومت ۾ اڃان ڊگهي عرصي واري حڪمراني وارو زور نه وڌيو آهي. سنڌ پنهنجي هلڪي ڦلڪي سار تي سمجهوتو ڪري ٿي ته ساهه اڃان آهي. جان آهي ته جهان آهي! سنڌ اڃان به پنهنجي گهٽ ۾ گهٽ رياستي، حڪومتي  ۽ آئيني حقن ۾ به هيٺ مٿاهين کي درگذر ڪري ٿي. ٿوپيل يا اڻ ٿوپيل سمجهوتو ڪندي نظر اچي ٿي، پر سنڌ بلڪل به بي خبر نه آهي!

2022ع ۾ برساتي ٻوڏن جي ڪري ذري گهٽ پورو سنڌ پنهنجي چؤگرد پاڻي ئي پاڻي ڏسي ٿو. پويان سڀ رڪارڊ ٽُٽي ٿا وڃن. اڳواٽ خبرداري وارو نظام، وقتائتي سمجهه، آفتن کي مُنهن ڏيڻ جي ادارتي صلاحيت، اڏاوتي ڪمن جي بهتر رٿابندي ۽ معيار، بهتر فيصلا سازي واري طرز حڪمراني، 2022ع واري ٻوڏن جي تباهي کي 50 سيڪڙو گهٽ ڪري پئي سگهيا. ان طرز حڪمراني ۾ صوبائي ۽ مرڪزي سطح جو پڻ ڪردار آهي. ٻڏل غريب سنڌ زندگيءَ ڏانهن موٽڻ جي ڪري ٿي. هيڏي وڏي تباهي، جنهن ۾ قدرتي ۽ هٿرادو آفت جا عنصر 50، 50 سيڪڙو هئا، ان کي سهي ٿي، غوطا کائي، وري زندگيءَ ڏانهن موٽي ٿي، ساهه ۽ پساهه ۾ پاڻ کي ڏسي ٿي. ڪو به وڏو ملڪ گير احتجاج نٿي ڪري باوجود ان جي تہ لکن خاندانن جو الهه تلهه ختم ٿي وڃي! پر هاڻوڪي هلندڙ ”سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور“ جهڙي تحرڪ ۽ احتجاج جو هڪ سيڪڙو به نٿي ڪري! ڇو؟ ڇو جو هن کي اڃان به ويساهه آهي ته جياپي جو سامان آهي!

هاڻ هي سنڌ جو وسيع، تاريخي، بلڪه پوين چئن ڏهاڪن جو، ڪن زاوين کان ايم آر ڊي جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ کان به وسيع احتجاج آهي. ڇو؟ آخر اڄ سنڌ ڪو به سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار ڇو نه آهي؟ تنهن جو صفا سولو جواب ۽ سبب اِهو آهي ته ڪو به جِيو، پنهنجي زندگي تي ڪيئن ته سمجهوتو ڪري سگهي ٿو؟! ۽ هي ’سمجهوتي‘ جي ڳالهه ئي ناهي. پاڪستان جو آئين هر شهري جي باقار زندگيءَ جو حق (۽ گارنٽي) ڏي ٿو! سو هي پاڪستان جي آئين ۽ سڀني عالمي پڌرنامن ۾ ڏنل بنيادي ۽ سڀ کان مٿانهون حق آهي ”جيئڻ جو حق!“ سنڌ جو اڳ ۾ ئي مٿي ايترو پاڻي ورايو ويو آهي جو هاڻ سنڌ ڪنهن به قسم جي ڪنهن به پاڻيءَ ورائڻ، واهه ڪڍڻ، ڪئنال جوڙڻ جي ڪنهن به قسم اسڪيم، پروگرام جي ڪڏهن به هاڪار  نه ڪندو ۽ اُن تي چپ بہ نه رھندو، ڇو جو سنڌ لاءِ سنڌوءَ ۽ سنڌو جو پاڻي زندگي جو سبب آهي. ان ڳالهه کي سولائيءَ سان سمجهڻ کپي. اُهي سڀ ان ڳالهه کي سمجهن، جن سنڌ جي قانوني، آئيني ۽ تاريخي طور ڏنل حقن  ۽ وسيلن کي پنهنجي لاءِ، ڪو به نالو ڏئي، جاوا ڪيا آهن. پاڪستان جي آئين ، پائيدار ترقي  ۽هم آهنگي لاءِ، ان ڳالهه کي سمجهن ته سنڌ هاڻ سمجهوتي تي سوچي پنهنجي  جياپي تان هٿ ڪيئن ٿي کڻي سگهي!  ساڳئي نموني سنڌ جي وفادار، لڳاتار ۽ هڪ قسم جي پائيدار ووٽ تي ذري گهٽ ٻه ڏهاڪا هاڻ حڪومت ماڻيندڙ ۽ مختلف وقتن ۾ هڪ ڏهاڪو اڳ حڪومت ڪندڙن کي پڻ کُليل اکين ۽ کليل دل سان سمجهڻو پوندو ته سنڌ جي عوام کي سنڌ، سنڌو ۽ پنهنجي ساهه کان وڌيڪ نه ڪو عزيز آهي ۽ نه ئي ڪنهن کان اُن معاملي ۾ ڊپ لڳي ٿو!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.