سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ پاران خيرپورناٿن شاهه ۾ ڪئنالن خلاف ريلي

ڪي اين شاهه (ن ع آ+پ ر) سنڌو درياهه تي ڇهه نون ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ڪڻڪ جو اگهه مقررنه ڪرڻ خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان ڪي اين شاهه ۾ ريلي ڪڍي وئي. ڪميونٽي سينٽر کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي ريلي ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا ختم ڪريو، ڪاڇي تي قبضو بند ڪريو، سنڌ جون زمينون وڪڻڻ بند ڪريو، جا اڀ ڏاريندڙ نعرہ هنيا ويا. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ماھ نور ملاح، ايڊووڪيٽ نجيب الرحمٰن مهيسر، ڪاشف ملاح، بختاور ملاح، بخت حسين ٻرڙو، مختيار بروهي، مهر النسا لغاري فرزانه سومرو، شاهده جوکيو ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته پيپلزپارٽي ڪارپوريٽ فارمنگ جي حمايت ڪري سنڌ جون زمينون وڪرو ڪيون آهن، اسين کين ٻڌايون ٿا ته سنڌ جي زمين ڪنهن به سرڪار جي نه پر سنڌي قوم جي ملڪيت آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.