پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور صدر آصف علي زرداري کي خط لکي 10هين اين ايف سي ڪميشن جو اجلاس فوري طور تي گهرائڻ جو مطالبو ڪيو. وزيراعليٰ خط ۾ ڄاڻايو ته 25هين آئيني ترميم کانپوءِ فاٽا جي 57 لک آبادي خيبرپختونخوا جو حصو بڻجي چڪي آهي، پر مالي وسيلا اڃان به مرڪز وٽ موجود آهن. هن واضح ڪيو ته 2010ع ۾ جاري ٿيل ستين اين ايف سي ايوارڊ ۾ 25هين ترميم بعد ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي، جيڪا آئيني آرٽيڪل 160 ۽ 25هين ترميم جي ڀڃڪڙي آهي. فوري طور تي نئون اين ايف سي اجلاس گهرائي صوبن کي جائز حق ڏنو وڃي.