اسلام آباد(صديق ساجد)ڪئنالن جي مسئلي تي سنڌ ۾ پ پ کي پنهنجي سياست بچائڻ مشڪل ٿي وئي آهي،انهن هاڻي واهن جي مخالفت شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته جيڪا رڪاڊ سامهون اچي رهيو آهي ان مطابق 8 جولاءِ تي ايوان صدر ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ صدر آصف علي زرداري 6 اسٽريٽجڪ ڪئنالن جي نه رڳو حمايت ڪئي پر انهن جي منظوري به ڏني،هن ڪئنالن تي هڪ ئي وقت عملدرآمد جا حڪم به جاري ڪيا،وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي چيو وڃي ٿو ته انهن واهن لاءِ مسلسل فنڊنگ يقيني بڻائي وڃي، انهن ڪئنالن ۾ ٿر،ريڻي،چولستان،ڪچي ۽ چشما رائيٽ بئنڪ ڪئنال شامل آهن، صدر کي گرين پاڪستان بابت هڪ اجلاس ۾ انهن بابت باقاعده بريفنگ به ڏني وئي هئي،جنهن ۾ صوبن ۽ وفاق جا نمائندا به شريڪ هئا، اجلاس ۾ چيو ويو ته اهي واهه فوڊ سيڪيورٽي لاءِ تمام اهم آهن،پارليامينٽ اجلاس ۾ وري هن ڪئنالن جي مخالفت ڪئي آهي مسئلو اهو آهي ته سنڌ ۾ قوم پرست ٻيهر مضبوط ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن،اپوزيشن جماعتون ڪئنالن جي مسئلي تي قومپرستن سان گڏجي ويون آهن،سنڌ ۾ جڳهه جڳهه احتجاج ٿي رهيو آهي،جنهن بعد پ پ به احتجاج شروع ڪري ڇڏيو آهي.