آمريڪي معيشت تازن سالن ۾ وڌ ۾ وڌ هڪ – هٽيءَ واري ٿيندي وئي آهي جنھن واهپيدار مٿان منفي اثر ڇڏيا آهن. طاقتور ڪارپوريشنون پنھنجي ڪاميابيءَ کي مضبوط بڻائن ٿيون، پئماني جي معيشتن ڪري، ساڻن مقابلو ڪندڙ ڪمپنين کي چٿي ڇڏڻ يا خريد ڪري ڇڏڻ ذريعي يا وري سياستدانن سان ساز باز (Lobbying) ڪري، مقابلي کي محدود بڻائڻ ذريعي. ان جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته واهپيدارن کي مھانگين قيمتن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو، جنھن جو مطلب هوندو آهي وڏا ڪارپوريٽ نفعا. پر هي وڏا نفعا، نين پئداواري سيڙپن/ نواڻن ڏانھن نه ويندا آهن پر اهي ڪمپنين جي آفيسرن ۽ حصيدارن ڏانھن ويندا آهن، جنھن سان پئداواريت گهٽبي آهي، اڻ باربري وڌندي آهي.
هڪ هٽي ڪمپنيون وڏيون قيمتون وٺن ٿيون، جنھن جو مطلب آهي ته اهي شيون گهٽ وڪڻن ٿيون، گهٽ مزدور رکن ٿيون ۽ نين ٽيڪنالاجين ۾ گهٽ سيڙپ ڪن ٿيون.
آسٽرين معاشي ماهر جو زف شمپيٽر عارضي هڪ هٽين جي ڳالهه ڪري ٿو. هن جو چوڻ آهي ته مستقل هڪ هٽيون قائم نه ٿيون رهي سگهن ڇو ته جيڪڏهن ڪابه هڪ هٽي ڪمپني نواڻ/ جدت پئدا ڪندي رهڻ کان بيھجي ويندي آهي، ته پوءِ اها ٻين ڪمپنين کان هار کائي ويندي آهي.
شمپيٽر انکي تخليقي تباهي، سڏي ٿو، جيڪا مالڪ جي مزدور مٿان طاقت کي محدود بڻائي ٿي، ڪارپوريشن جي سماج مٿان بحيثيت مجموعي طاقت کي محدود ڪري ڇڏي ٿي.
هن مطابق جيڪڏهن ڪابه ڪارپوريشن، آزاد مارڪيٽ جي راند صحيح طريقي سان نه کيڏندي آهي، ته پوءِ گهڻي پنڌ کانپوءِ اها مري ويندي آهي. جيڪڏهن اها پنھنجين شين لاءِ تمام گھڻي قيمت وٺندي آهي ته پوءِ اها پنھنجو مارڪيٽ جو حصو ٻين مقابلي باز ڪمپنين آڏو هارائي ويھندي آهي. جيڪڏهن اها پنھنجن مزدورن کي مناسب اجورو نه ڏيندي آهي يا انھن سان خراب نموني ورتاءُ ڪندي آهي ته پوءِ اها پورهيتن جي افرادي قوت وڃائي ويھندي آهي.
جيڪڏهن اها پنھنجين حريف مقابلي باز ڪمپنين کي مات ڏيڻ لاءِ نواڻ پئدا نه ڪندي آهي ته پوءِ ٻيا ان کان گوءِ کٽي ويندا آهن.
پر هيءَ تخليقي تباهي تمام وڏين ۽ وڌيڪ طاقتور ڪمپنين لاءِ نه ٿي اچي. سرمائيدار سماجن ۾ طاقتور ڪمپنيون ايترو جلدي ختم نه ٿيون ٿين جيترو اسان توقع ڪيون ٿا، ويندي جڏهن جيئن بوئنگ يا فورڊ ڪمپني، اهي وڏيون غلطيون به ڪن ٿيون. توهان ٿوري دير لاءِ انھن برانڊس (شين) لاءِ سوچيو جيڪي اسان جين المارين (Shelves) تي غالب آهن، انھن مان گھڻيون ڪيترن ڏهاڪن کان ۽ ڪي ته صدين کان هڪ يا ٻئي روپ ۾ موجود رهيون آهن. آمريڪا ۾ 2019 ۾ هڪ پبلڪ ڪمپني جي سراسري عمر 18 سال هئي جيڪا 1996 ۾ 12 سال هئي.
شمپيٽر جي دعويٰ جي ابتڙ، هڪ هٽي رکندڙ ڪمپنيون، بحرانن مان پار ٿي وڃڻ جي ننڍين ڪمپنين جي مقابلي ۾ وڌيڪ اهل هونديون آهن. انھن وٽ گھڻو پئسو هوندو آهي، تنھنڪري گهٽ نفعن کي گهڻي عرصي تائين اهي برداشت ڪري وينديون آهن. انھن جا مالياتي ادارن سان ويجهڙا ناتا هوندا آهن، جنھن ڪري اهي ڏکين ڏينھن ۾ انھن کان پئسا آساني سان به سستي اگهه تي حاصل ڪري سگهنديون آهن. اهي پنھنجي مارڪيٽ جي طاقت کي مال پھچائيندڙن (Suppliers) ۽ پورهيتن کي پنھنجيون قيمتون ۽ اجر تون گھٽائڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ استعمال ڪنديون آهن. جيئن اسان فورڊ، بوئنگ ۽ اميزان ڪمپنين جي حالت ۾ ڏٺو آهي، جڏهن طاقتور ڪمپنيون ڪنھن بحران/ مشڪل ۾ ڦاسنديون آهن، اهي رياستن سان پنھنجن ويجهڙن لاڳاپن کي استعمال ڪري پاڻ بچائي (Bail Out) وينديون آهن.
هنن سببن ڪري مارڪيٽ جي طاقت وڏين ڪمپنين کي تباھ نه ڪندي آهي، جيئن سرمائيداري نظام ترقي ڪندو آهي پر اهو انھن کي طاقتور بڻائيندو آهي. سرمائيداري نظام جا حامي دانشور چوندا آهن ته سرمائيداراڻيون معيشتون ڦڙتيليون/ ڪارگر هونديون آهن، ٻيو ڪوبه سرشتو قيمتي وسيلا زيان ڪندو آهي. پر جڏهن هڪ معيشت وڏين ڪارپوريشن طرفان غالب پيل هوندي آهي، جن مٿان مارڪيٽ جو نظم و ضبط نه هلندو آهي، ڦڙتي/ قابليت دريءَ من ٻاهر نڪري ويندي آهي. جيڪڏهن هڪ ڪمپني ڪنھن به مقابلي جي غير موجودگي يا ان جي محدود روپ ۾ ڪم ڪرڻ جي قابل هوندي آهي، اها آزاد مارڪيٽ جي اقتصاديات جي ڪيترن ئي بنيادي اصولن کي ٽوڙي سگهندي آهي. اها وڏيون قيمتون اڳاڙي سگهندي آهي، اها پنھنجن پورهيتن کي گهٽ اجرت ڏئي سگهندي آهي.
هڪ دفعو جڏهن اِها ڪمپني هڪ مخصوص سائيز تي پھچي ويندي آهي، ٻين ڪمپنين لاءِ مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي ويندو آهي. جيڪا ڳالهه ان ڪمپني کي وقت گذرڻ سان اڃا وڌيڪ وڏي ٿيڻ ۾ آساني پئدا ڪري ڏيندي آهي.
جڏهن چند مھا ڪمپنيون سڄي معيشت مٿان غالب پئجي وينديون آهن، پوءِ اوچتو ئي اوچتو هڪ عام واهپيدار پنھنجي ٻوڙ ڀاڄي (Grocery) خريد ڪرڻ لاءِ وڌيڪ پئسا ادا ڪرڻ لڳندو آهي. ڪنھن به حقيقي مقابلي جي اڻھوند ۾ واهپيدار پنھنجون خريداريءَ جون عادتون نه بدلائي سگهندو آهي ۽ پورهيت کي ٻئي ڪنھن هنڌ ڪم نه ملي سگهندو آهي. اهڙي طرح وسيلا ضائع ٿيندا رهندا آهن، تمام گھڻو پئسو معيشت جي چوٽي چوسي ويندي آهي. معاشي ماهر جوناٿن ٽيپر ۽ ڊينس هرن پنھنجين معاشي تحقيقن ۾ ٻڌائن ٿا ته ”هڪ هٽي طاقت، وڏين قيمتن، گهٽ معاشي حرڪت، ٿورڙين شروعاتن، گهٽ پئداواريت، گهٽ اجرتن، وڏي معاشي اڻ برابري ۽ ننڍين وسندين جي نقصان جو هڪ ”زهريلو مشروب“ (Cocktail) پئدا ڪندي آهي“. (دي مِٿ آف ڪئپيلٽزم: ٽيپراينڊ هرن).
مطلب ته ڪارپوريشنن کي پنھنجن مزدورن مٿان، مارڪيٽن مٿان ۽ مجموعي طور سماج مٿان طاقت حاصل هوندي آهي. مارڪسٽ نظرئي دانن لاءِ هيءَ ڪا حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه نه آهي ڇو ته هو ڪئين ڏهاڪا اڳ اهو چئي ويا هئا ته ”سرمائيداري نظام دولت ۽ اقتدار، چند هٿن ۾ گڏ ڪرڻ ڏانھن وٺي ويندو“.
مرڪزي منصوبه بند معيشت سوشلسٽ ۽ سرمائيدار – ٻنهي نظامن ۾ موجود هوندي آهي. اسان کي سرمائيداري نظام کي، نجي اداڪارن وچ ۾ آزاد مارڪيٽ جي مٽاسٽا جو نظام سمجھڻ بدران جنھن ۾ وچ وچ ۾ رياستي منصبوبه بندي به شامل هوندي آهي. بطور مجموعي سمجھڻ گھرجي جنھن ۾ طاقتور ڪمپنيون، مالياتي ادارا، رياستون ۽ سلطنتون گڏجي ڪم ڪنديون آهن اهو طئي ڪرڻ لاءِ ته عالمي معيشت ۾ ڪير ڇا ٿو حاصل ڪري. ان طريقي سان ڏسجي ٿو ته پوءِ سرمائيداري نظام هڪ ڦھلجندڙ مرڪزي منصوبابندي وارو نظام ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
جولاءِ 2021 ۾ فنانشل ٽائيمس مخزن پڙهندڙن کان هن موضوع تي راءِ ورتي ته جٽادار، ماليات جي ڪم ڪرڻ لاءِ، اسان کي مرڪزي منصوبه بنديءَ جي ضرورت پوندي“. دي ايڪا نامسٽ رسالي پنھنجي ايڊيٽوريل ۾ هيئن لکيو، ”جڏهن موسماتي ٽوڙ ڦوڙ جي ڳالهه اچي ٿي، مارڪيٽ هميشه سٺا ڪم نه ٿو ڪري سگهي، هڪ وڌيڪ مرڪزي طور رٿابند ڪيل طريقي جي اڪثر ضرورت پوندي.“
سالن کان هنن رسالن معرفت سرمائيدار طبقي، سرمائيدار سماج جي انتظام ڪاريءَ جي مسئلن کي بحث هيٺ پئي آندو آهي، هنن رسالن طرفان مرڪزي منصوبا بندي جي ڳالهه ڪرڻ جو مطلب سرمائيداري نظام کي ختم ڪرڻ نه آهي، نه ئي ان جو مطلب سوشلزم جو نفاذ آهي
مرڪزي منصوبا بندي لاءِ فرض ڪيو وڃي ٿو ته اها آزاد مارڪيٽن اندر نه ٿيندي آهي، جيڪا ڳالهه بلڪل غلط آهي. دنيا جون وڏي ۾ وڏيون ڪمپنيون رڳو پنھنجي پئداوار جي منصوبه بندي ڪرڻ جي قابل نه هونديون آهن، پر اهي هر شيءِ مٿان اثر انداز ٿيڻ جي قابل هونديون آهن. اليڪشن ۾ بيٺل اميدوارن کان وٺي ميڊيا ۾ ڏيکاريون ويندڙ ڪھاڻين ۽ قصن تائين.
آمريڪا ۾ اميزان جي پورهيتن کي گهٽ اجرت ڏني وڃي ٿي. برطانيه ۾ به ساڳي صورتحال آهي. Mirror اخبار طرفان ڪيل هڪ جاچ پڙتال ۾ اها ڳالهه ظاهر ٿي ته پورهيتن سان غلامن ۽ روبوٽن جيان ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو. اهي پورهيت صبح جو 7:30 کان ڪم شروع ڪن ٿا ۽ شام جو 6 بجي فارغ ٿين ٿا. ان وقت ۾ هر مزدور کي هر نون سيڪنڊن ۾ هڪ دٻو (Package) تيار ڪرڻو هوندو آهي۔ ايمبولنسن کي اميزون گدامن (Warehouses) ۾ 600 دفعا گهرايو ويو آهي.
سمورن سرمائيداراڻن معاشرن ۾ پوءِ اهي نيو لبرل هجن، انتظامي مرڪزيت وارا هجن يا آزاد تجارت وارا (Laissez-faire) يا ڪي ٻيا هجن، مرڪزي منصوبه بنديءَ جي ڪنھن نه ڪنھن روپ تي ڀاڙيندا آهن. جڏهن نيو لبرل دانشور آزاد مارڪيٽ مقابلي بازيءَ جي حق ۾ مرڪزي منصوبه بندي کي رد ڪندا آهن، ان وقت اهي رڳو ڪن مخصوص قسم جي منصوبه بنديءَ کي رد ڪندا هوندا آهن، عام طور انهن منصوبه بندين کي جيڪي پورهيتن کي فائدو رسائيندڙ هونديون آهن، پر وڏن ڪاروبارن کي فائدو رسائڻ، ٽريڊ يونين کي ٽوڙڻ ۾ نيو لبرل رياست جي ان منصوبه بنديءَ مان خوش ٿيندا آهن جيڪا سرمائيداري نظام کي فائدو پھچائيندي آهي. ڪارل پولانئي (Karl Polanyi) سياسي معاشتدان جي لفظن ۾ : ”نيو لبرلزم منصوبه بند ٿيل هو“