حيدرآباد(رپورٽر) نامياري قانوندان سجاد احمد چانڊئي، پيپلزپارٽي جي سينيٽر بئريسٽر ضمير گهمري پاران ڪينالن ۽ ارسا بابت عدالت ۾ داخل ڪيل پٽيشن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته قومن ۽ صوبن وچ ۾ تڪرارن کي عدالتون نٿيون نبيري سگهن. هاڻ ته 26 هين آئيني ترميم کانپوءِ ته صورتحال اڃا وڌيڪ خطرناڪ بڻيل آهي. جيڪڏهن قومن ۽ صوبن وچ ۾ تڪرارن کي عدالتن ۾ نبيريو ويندو ته پوءِ ڪائونسل آف ڪامن نٽريسٽ(سي سي آءِ) جي پوءِ ڪهڙي ضرورت آهي. عوامي آواز سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ جي پاڻي جو ڪيس ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جو آهي. سنڌ مسلسل پنهنجي پاڻي جي حق جو ڪيس رکندي آئي آهي. پاڻي جي معاملن تي ڪميشنون ضرور ٺهيون آهن. پر ڪڏهن به معاملا عدالتن ۾ ناهن آندا ويا. سنڌ جي پاڻي جو ڪيس نج سياسي آهي. ان ڪري سنڌ پنهنجي سياسي ۽ مزاحمتي انداز سان اهو ڪيس وڙهندي. هن چيو ته ضمير گهمرو پيپلزپارٽي جو سينيٽر آهي اهو ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي پارٽي جي حڪم کانسواءِ هڪ قدم به اڳتي نٿو کڻي سگهي. هي پيپلزپارٽي جو ئي رچايل ڊرامو آهي. پيپلزپارٽي سنڌ جي ماڻهن جي ڪک ۾ چالاڪي سان ڇرو هڻڻ جي ڪوشش پئي ڪري. پورهيت مزاحمت تحريڪ جي صدر ۽ وڪيل مسرور شاهه, پيپلزپارتي جي سينيٽر ضمير گهمري جي ڪينالن ۽ ارسا جي معاملن بابت عدالت ۾ داخل ڪيل پٽيشن تي پنهنجي فيسبڪ پيج تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ييرسٽر ضمير گھمري جيڪا پيٽيشن داخل ڪئي آھي ۽ ان ۾ شامل استدعا کي جڏھن پڙھيو ته اندازو ٿئي ٿو ته جيڪڏھن عدالت ان معاملي م مناسب ريليف ڏئي ته صرف ايترو ئي ڏئي سگھي ٿي ته ارسا ۾ وفاقي ميمبر سنڌ جو مقرر ڪري سگھي ٿي. چولستان پراجيڪٽ لاءِ ارسا پاران ڏنل پاڻي جي دستيابي جو سرٽيفيڪٽ رد ڪري سگھي ٿي ۽ ڪئنالن جي تعمير تي اسٽي ڪري سگھي ٿي. جيستائين آئيني فورم يعني سي سي آءِ ۾ ۽ سڀني آئيني اسٽيڪ ھولڊرن کي ان معاملي تي آن بورڊ نٿو ورتو وڃي. ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمنين تي والار خلاف ردعمل روڊن تي عوامي جدوجھد ذريعي اچڻو آھي. سنڌ پنھنجي عوامي جدوجھد ذريعي انھن کي مڪمل طور رد ڪرائيندي. ھي صرف آئينيت پسندي جو معاملو ناھي. ھي سياسي ۽ سنڌ جي بقاء جو معاملو آھي.