پاڪستان کي سخت رياست بڻائڻ لاءِ ڪم شروع، ڪميٽي قائم

اسلام آباد(بيورو/م ڊ) پاڪستان کي هارڊ اسٽيٽ بڻائڻ جي حوالي سان قدم کڻڻ  شروع ڪيا ويا آهي۔ گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ وفاقي ۽ صوبائي عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي ڪميٽي سڄي پاڪستان ۾ سرگرم ٿي وئي آهي، جنهن جو مقصد افغان شهرين جي وطن واپسي، اسمگلنگ جي روڪ، حددخلين جو خاتمو ۽ سعودي عرب ويندڙ پاڪستاني  پيناگرن جو خاتمو ڪرڻ آهي۔ 15 رڪني ڪميٽي جي سربراهي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪنداو، ڪميٽي ۾ چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جا گهرو سيڪريٽر شامل آهن۔ ڪميٽي ۾ چئني صوبن جا چيف سيڪريٽري حساس ادارن جا نمائندا، سي ٽي ڊي جا عملدار  به شامل آهن۔ ڪميٽي افغان باشندن جي وطن واپسي جي عمل جي نگراني ڪندي، غير قانوني پيٽرول ۽ اسمگلنگ جي خلاف ڪارروائين جو جائزو وٺندي، سعودي عرب ۾ پنڻ جي لاڙي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندي۔ ڪميٽي صوبائي سطح تي فيڊرل بورڊ آف ريوينيو (ايف بي آر) جي ڊيجيٽلائيزيشن جو به جائزو وٺندي ۽ سڀني معاملن ۾ خامين جي نشاندهي ڪري سفارشون مرتب ڪندي۔ ايف بي آر غير قانوني پيٽرول جي وڪرو تي ڪارروائيون شروع ڪري ڇڏيون آهن۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.