ليڊي ٽيچر تي گهڻو ميڪ اپ ڪرڻ ۽ وڏي کُڙي واري جُتي پائڻ تي پابندي

ڪراچي(رپورٽر) تعليم کاتي اسڪولن ۾ استادن لاءِ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جاري ڪندي خواتين استاد کي گهڻو ميڪ اپ ڪرڻ ۽ وڏي کڙي واري جتي پائڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، اهڙي طرح مرد استاد وري ٽي شرٽ ۽ جينز پائي اسڪول اچڻ کان پاسو ڪن، تعليم کاتي اها به هدايت ڪئي آهي ته خواتين استاد وڌيڪ زيور پائي اسڪول اچڻ کان به پاسو ڪن، هلڪي سينگار سان روايتي لباس اختيار ڪن، استادن کي منشيات، گٽڪو، نسوار، ماوا يا سگريٽ اسڪول احاطي ۾ واپرائڻ جي اجازت نه هوندي، خواتين استادن کي گائون استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.ٻئي پاسي تعليم کاتي وضاحت ڪئي آهي ته اسڪولن ۾ ڪنهن به ڊريس تي پابندي ناهي مڙهي،ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ کي حڪم نامو سمجهڻ بدران رهنما اصول سمجهيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.