ڪراچي( رپورٽر) مصطفي عامر قتل ڪيس جي مک جوابدار ارمغان خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر جوابدار کان پڇا ڳاڇا جي اجازت لاءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت سان رابطو ڪري ورتو، عدالت ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر جي درخواست منظور ڪندي ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر کي جيل ۾ جوابدار ارمغان کان پڇا ڳاڇا جي اجازت ڏئي ڇڏي،عدالت ايف آءِ اي کي 3 اپريل تائين جوابدار کان جيل ۾ پڇا ڳاڇا ڪرڻ جي اجازت ڏني، عدالت ايف آءِ اي کي جاچ مڪمل ڪري مقرر وقت اندر اڳڀرائي واري رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو، جوابدار ارمغان خلاف ايف آءِ اي پاران مني لانڊرنگ، غيرقانوني ڪال سينٽر هلائڻ ۽ جعلسازي جي الزامن هيٺ ڪيس داخل ڪيو آهي.