مٺي(رپورٽ:غازي بجير)سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف مٺي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ سنڌياڻين سميت ھزارين ماڻهو فقير صادق ڪاليج مٺي کان ڪشمير چوڪ تائين پيادل مارچ ڪري پھتا، عورتن سميت ھزارين ماڻهو درياھ خاطر جھيڙو آ، سنڌو خاطر جھيڙو آ، ڪئنال نامنظور جي سخت نعريبازي ڪري رھيا ھئا. پيادل مارچ ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، زاھد گل اوٺو، شاھنواز ھڱورو، صبحان بجير، الله ڏنو ھالاڻي، سنيتا افروز گل اوٺو،ڪرڙ ريٻاري، زاھد گل اوٺو، محمد نھڙي، روشن بجير، سريش پرمار، پرشوتم پرمار، موھن سوجاڻي، گلشن سنڌي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجو چيو ته ڪالهھ سنڌ جي عوام اقتداري پارٽي، ڪوڙ ڳالھائيندڙ ۽ مڪر باز سياستدانن کي رد ڪري ڇڏيو آھي.اي سنڌو درياء! تون اسان جو رت ست، اسانجو ساھ ۽ ويساھ آھين، اي مھراڻ! تون قدرت ماءُ طرفان اسان لاءِ سڀ کان مقدس ترين تحفو آھين.سنڌ هنن کي ڪئنال ٺاهڻ ڪونه ڏيندي، اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڪئنال ٺاهي ويندا، ڪئنال ٺهن پيا، ڪم هلي پيو ، سنڌي ڪجهھ نه ڪري سگهندا،اهو غلط تاثر آهي،هن چيو ته پيپلز پارٽي عوام کي دوکو ڏيڻ لاءِ احتجاجن جو ڊرامو رچايو آھي. پيپلزپارٽي ھٿ وٺي سنڌ جي عوام کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ چاهي ٿي مظهر راهوجي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھ تي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي سنڌ لاءِ ڊيٿ وارنٽ آھي.