صحافي فرحان ملڪ 14 ڏينهن عدالتي رمانڊ تي جيل منتقل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت صحافي فرحان ملڪ کي 14 ڏينهن جي جڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو ۽ سندس ضمانت جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. جاچ آفيسر موقف اختيار ڪيو ته رياست مخالف وڊيوز پوسٽ ڪيون ويون آهن. عدالت هدايت ڪئي ته وڊيوز ڏيکاريون وڃن. عدالت پڇيو ته انهن وڊيوز ۾ اهڙي ڪهڙي شئي آهي؟ عدالت فرحان ملڪ کان پڇيو ته ڇا کيس ماريو ويو آهي يا هراسان ڪيو ويو آهي؟ فرحان ملڪ چيو ته اسان جي عملي کي تنگ ڪيو پيو وڃي. عدالت جاچ آفيسر کان پڇيو ته ڇا ڪنهن ٻئي شخص جو نالو ريمانڊ تيآهي؟ جيڪڏهن توهان ڪنهن کي تنگ ڪندا، ته توهان کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.