اسلام آباد(م ڊ) پيڪا ايڪٽ شهرين خلاف سرڪاري هٿيار طور استعمال ٿيڻ لڳو،راولپنڊي ۾ هڪ دڪاندار تي وڊيو اپ لوڊ ڪرڻ تي پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، وڊيو ۾ لفٽر کان گاڏي کڻڻ تي عورت کي لفٽر تي ويٺل پوليس اهلڪار جي منٿ ميڙ ڪندي نظر اچي رهي آهي،دڪاندار جو موقف آهي ته عورت گاڏي جا ٽائر تبديل ڪرڻ آئي هئي،ٽريفڪ پوليس سندس ڪا به ڳالهه ٻڌڻ کان بغير سندس گاڏي کڻي ڇڏي،پوليس وڊيو کي بدنيتي قرار ڏئي ڇڏيوصحافتي تنظيمون پيڪا ايڪٽ تي اڳ ئي سخت خدشن جو اظهار ڪري چڪيون آهن.