ڪراچي (رپورٽر) جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ اداڪار ساجد حسن جي پٽ ساحر حسن کي منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ پيش ڪيو ويو. ڪيس جو عبوري چالان عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو. عدالت جاچ آڦيسر کي پراسيڪيوشن جا اعتراض ختم ڪري حتمي چالان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ٻڌڻي 5 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي.
-
نينگر جي اغوا ۽ زيادتي ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت منظور
ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نينگر سليم الله کي اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ وارو ڪيس ۾ جوابدار علي اڪبر جي ضمانت جي درخواست منظورڪندي عدالت جوابدار کي هڪ لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .جوابدار خلاف مومن آباد پوليس اسٽيشن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.وڪيل لياقت علي گبول چيو ته جوابدار، پنهنجن ٻين ساٿين سان گڏ نينگر سليم الله کي اغوا ڪيو ۽ ان سان زيادتي ڪئي. گذريل سال جوابدار جي ضمانت ايڊيشنل سيشن پاران رد ڪئي وئي هئي.پراسيڪيوٽر ٻار جو بيان حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.