ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس تسنيم سلطانه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ 2017ع کان گم ٿيل شهري جي بازيابي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، گم ٿيل شهري جي ماءُ جو چوڻ هو ته منهنجو پٽ واجد علي 2017 کان گلستان جوهر پوليس اسٽيشن حد مان گم آهي.هن ايجنسي کڻي وئي، کيس بازياب ڪرايو وڃي. عدالت چيو ته اهو ڪٿي به ثابت نه ٿيو آهي ته ايجنسي ان کي کڻي وئي آهي.گم ٿيل شهري جي ماءُ جو چوڻ آهي ته ايجنسي واجد علي کي سندس ماسي ناديا جي شڪايت تي کنيو.گم ٿيل شهري جي ماءُ چيو ته مان 7 سالن کان عدالتن ۾ وڃي رهي آهيان پر عدالت منهنجي ڳالهين تي اعتبار نٿي ڪري، منهنجي پٽ تي ڪو به ڪيس ناهي، جيڪڏهن منهنجو پٽ ڏوهي آهي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، عدالت سرڪاري وڪيل کي گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن کي لکڻ جي هدايت ڪئي.