اسلام آباد(م ڊ) وفاقي وزير توانائي اويس لغاري چيو آهي ته اليڪٽرڪ چارجنگ يونٽ کي 17 مان گهٽائي 39 رپيا ڪيو ويوآهي،بجلي اگهن ۾ وڌيڪ گهتتائي ڪئي ويندي.پرائيويٽ سيڪٽر ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار نڀائي رهيوآهي.ماضي جي مقابلي ۾ مستقبل گرين ۽ صاف توانائي جو هوندو.هن چيو ته اخبارن ۾ غلط آرتيڪل ڇپجي رهيا آهن. گذريل ڏينهن جي رپورٽ حقيقت جي ابتڙ آهي. سوشل ميڊيا جي افواهن تي ڌيان نه ڏيڻ گهرجي. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وزيراعظم خوشخبري ڏيندو.