پ پ جي ٻٽي پاليسي ۽ سنڌي ماڻهن جا وڌندڙ خدشا

تحرير: اڪبر آزاد ھيسباڻي

پاڪستان پيپلز پارٽي ڪيترن ئي معاملن ۾ سياسي راند دوران پنھنجي پيرن تي پاڻ ڪھاڙو ھنيو آھي جنھن جي نتيجي ۾ پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ سندس سياسي طاقت نه ھجڻ جي برابر ڏسڻ ۾ اچي رھي آھي، تازي صورتحال ۾ پ پ  پاڻ کي ھڪ ٻئي امتحان ۾ وجھي ڇڏيو آھي ۽ اھو امتحان جيڪو سنڌ جي عوام لاءِ زندگي ۽ موت جو درجو رکي ٿو، اھو آھي سنڌو درياھ مان نوان 6 ڪئنال ڪڍڻ وارو امتحان ۽ ان امتحان ۾ پاس ٿيڻ ته پري جي  ڳالهه آھي پر سنڌ ۾ سندس سياسي وقار خطري ۾ نظر اچي ٿو. ان جو ھڪ سبب ھي به آھي ته شروع ۾ ڳجهھ ڳوھ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران سنڌو درياھ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ جي اجازت ڏني وئي،  ان ۾ پيپلز پارٽي جا ڪھڙا مفاد ھئا، انفرادي ھئا، سياسي يا وري اڃان ڪو ٻيو چڪر ھيو، جنھن ڪري پ پ  سنڌ جي شھ رڳ سنڌو درياھ منجھان 6 ڪئنال ڪڍڻ جي منظورد ڏئي ڇڏي. تڏھن عوام ڀڙڪي اُٿيو شروع ۾ ته ڪن سياسي جماعتن جي ليڊرن جي اڳواڻي ۾ احتجاج پئي ٿيا پر ھاڻي عوام بغير اڳواڻن جي به نڪرڻ شروع ڪيو آھي اھڙي صورت ۾ پ پ پاران سنڌو درياھ منجھان 6 ڪئنال ڪڍڻ جي اجازت نه ڏيڻ وارو راڳ شروع ڪيو ويو.

هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ڪئنال ته بلڪل ڪونه پيا ٺھن پر عوام جيڪو احتجاج ڪري ٿو ان کي ھينڊل ڪرڻ لاءِ اھڙي ڪال ڏني آھي ته جيئن عوام کي اعتماد ڏيارجي ۽ سمجھائجي ته اھڙو ڪو معاملو ڪونھي. اھڙي طرح پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جو صدر نثار احمد کھڙو چوي ٿو اسان اھو ڪون ٿا چئون ته ڪئنال نٿا ٺھن، اسان چئون ٿا ڪئنال ٺھڻ ڪونه ڏينداسين. خبر ناهي اُها ڪهڙي ڳالهه آهي، جيڪا پ پ  کي سڌي  ڳالهه ڪرڻ کان روڪي رھي آھي ۽ ھو ميدان تي به سياسي چالبازي ۽ ڊبل گيم سان اچڻ چاھي ٿي. سوال ھي به آھي ته شروع ۾ جڏھن ڪينالن خلاف سنڌ جي مختلف شھرن ۾ احتجاج شروع ٿيا تڏھن سنڌ حڪومت انھن احتجاجن کي ڪچلڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي احتجاجن کي روڪڻ ۽ احتجاج ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ نه رڳو ڳوڙھا آڻيندڙ گئس جي گولن جو استعمال ڪيو ويو پر پوليس ھٿان لٺيون وسائي گرفتاريون پڻ ڪيون ويون ۽ ھاڻي اھا ساڳي پيپلزپارٽي آھي جنهن ڪالهه ڪئنالن خلاف احتجاج ڪيو.

سمجھه ۾ نٿو اچي ته پيپلز پارٽي پاران احتجاج جو سڏ عوام جي احتجاج کي ڪمزور ڪرڻ آھي يا مھڻن ميارن کان بچڻ لاءِ آھي ڇو ته صدر پ پ  جو، سنڌ حڪومت پ پ  جي، نون ليگ حڪومت پ پ  جي ٽيڪ تي ٻبيٺل آهي ته پوءِ احتجاج ڪنھن جي خلاف آھي؟ اڳ به حڪومت ۾ ھوندي لوڊشيڊنگ ۽ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف اھڙا ڊرامائي انداز ۾ احتجاج ڏسجي چڪا آھن ۽ انھن احتجاجن دوران خبرون ملنديون آھن پ پ  جا فلاڻا مطالبا منظور! مطالبا منظور ته پوءِ بجلي ھجي نه ھجي پاڻي ھجي نه ھجي احتجاج ختم ٿي ويندا آھن. پر جي ھن ڀيري واقعي اصل مسئلي يعني 6 تڪراري ڪئنالن خلاف  احتجاج ڪرڻو آھي ته پوءِ پنجاب حڪومت يا انھن کان جيڪي  ڳالهه سمجھڻ کان عاري آھن انھن کان ڌار ٿي  احتجاج رڪارڊ ڇو نٿو ڪرايو وڃي باقي ھن قسم جو کوکلو احتجاج ته اڃا به شڪ ۽ شُبا وڌائي ٿو.

ھاڻي جڏھن سنڌ جو عوام سڀ ٻيڙا ساڙي ٻاھر نڪتو آھي تڏھن به پ پ پ ھڪ پاسي نظر ڪونه ٿي اچي ھڪ پاسي بظاھر ڪئنالن جي مخالفت ڪندي نظر اچي ٿي ته ٻئي پاسي نرم گوشو اختيار ڪندي چوي ٿي جيڪڏھن ڪئنال ٺھي ويا ته ھلڻ ڪونه ڏبا. ٻيو ته پ پ  جي مختلف اڳواڻن جا مختلف بيان به عوام کي گمراھ ڪرڻ جھڙا لڳن ٿا ۽ محسوس ٿئي ٿو ته دال ۾ ڪجھه ڪارو ضرور آھي. پ پ  جي اھڙي ٻٽي راند عوام کي اونھي ۾ وجھي ڇڏيو آھي ۽ پوءِ عوام ان سموري معاملي پٺيان پ پ  کي ڏسي ٿو تڏھن ھڪ نعرو ڪئنالن خلاف ته چار نعرا پ پ  قيادت خلاف لڳن ٿا.

لاڳيتو ويساگھاتين ۽ مصيبتن جو ماريل سنڌ جو عوام سمجھي ٿو ته سنڌو درياھ جي پيٽ مان وڌيڪ 6 تڪراري ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ ۾ پاڻي جو بحران پيدا ٿيندو سنڌ سوڪھڙي جو شڪار ٿيندي زراعت تباھ نه به ٿئي پر تباھي ڪناري تي اچي ويندي ڏُڪار پيدا ٿيندو  ڏٺو وڃي ته سنڌ جو عوام اڳ ئي آءِ ايم ايف جي فرمائشي پروگرام تحت مختلف ٽيڪسز کان وٺي مھانگائيءَ جي لوڙ لوڙي رھيو آھي ان کان به وڌيڪ حڪومت جي غلط توڙي لالچ تي ٻڌل پاليسن جو وزن تعليم ۽ صحت جي دوا نه ھجڻ باوجود پنھنجي ڪمزور ڪلھن تي کڻي کڻي ٿڪجي پيو آھي.

پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام جي اڪثريت کي ديوار سان لڳائڻ بعد به چاھي ٿي ته سنڌ ساڻس گڏ بيھي ته اھو ممڪن ئي ناھي ڇو ته ھاڻي پ پ  جي ڊبل گيم ۽ ويساھ گھاتين  کان عوام جو ڳچ حصو واقف ٿي چڪو آھي پ پ  قيادت ڀلي ڪھڙي به راند کيڏي پوءِ اھا راند عوام سان کيڏندي ھجي يا انھن سان جن سان ھا به ڪري ٿي ته، نه به ڪري ٿي!  پر ايترو ضرور سوچڻ گھرجي ته اھڙي راند ۾ نفعو نقصان معاشي نه پر زندگي ۽ موت جو آھي تنھن ڪري پ پ  قيادت کي ڊبل گيم کيڏڻ بجاءِ سڌي طرح سنڌ جي عوام سان بيھڻ گھرجي ۽ سنڌ دشمن منصوبن کي رد ڪرڻ گھرجي ٻي صورت ۾ سندس سياسي نقصان اڻٽر نظر اچي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.