اروڙ يونيورسٽي آف آرڪيٽيڪچر، ڊزائين ۽ ھيريٽيج ھڪ معياري تعليمي ادارو

تحرير: دوست حفيظ چنا

سنڌ جي تعليمي ادارن مان ھر سال ھزارن جي تعداد ۾ نوجوان گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ جون ڊگريون حاصل ڪن ٿا، پر افسوس انھن نوجوانن وٽ ڊگريون ته آھن پر معياري تعليم نه ھجڻ سبب کين سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن ۾ آساني سان يا ميرٽ تي نوڪريون نٿيون ملي سگھن، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ بيروزگاري تمام گھڻي وڌي رھي آھي.تازو پڌري ٿيل هڪ رپورٽ مطابق سنڌ ۾ تقريبن 4 ملين نوجوان بيروزگار آھن، جنھن جو سبب غير معياري تعليم آھي. ان کان علاوه ھن وقت جديد علم جنهن ۾ ڪمپيوٽر سائنس، مصنوعي ذھانت (آرٽيفشل انٽيليجنس) ۽ فني تعليم جي سخت ضرورت آھي.

جيڪڏھن ھن وقت اسان جي نوجوان کي تبديل ٿيندڙ دؤر جي تقاضائن کي نظر ۾ رکندي جديد تعليم ۽ فني تعليم طرف نه آندو ويو ۽ روايتي تعليم تائين محدود رکيو ويو ته بي روزگاري جي مٿين تعداد ۾ اڃان به اضافو ٿيندو.پنجاب ۾ جديد تعليمي نظام کي رائج ڪندي ڳچ عرصو گذريو آھي پر سنڌ ۾ ھن وقت  ڪجهه تعليمي ادارا جديد ۽ فني علم طرف اچي رھيا آھن.سنڌ ۾ ھن وقت نئين قائم ٿيندڙ اروڙ يونيورسٽي نمايان، جديد ۽ فني تعليم جي شروعات ڪئي آھي، جيڪا سنڌ جي شاگردن لاءِ بھترين موقعا فراھم ڪندي. ان کان اڳ نيشنل ڪاليج آف آرٽ اينڊ ڊزائن لاھور تخليقي ۽ فني تعليم جي لحاظ کان وڏو نالو آھي پر ھن وقت سنڌ ۾ اروڙ يونيورسٽي آف آرٽ آرڪيٽيڪچر، ڊزائن ۽ ھيريٽيج، سنڌ جي شھر سکر ڀرسان تاريخي شھر اروڙ ۾ واقع سرڪاري ادارو آھي. ھي يونيورسٽي خاص طور تي آرٽ آرڪيٽيڪچر، ڊزائن ۽ ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ قائم ڪئي وئي آھي ته جيئن شاگردن کي تخليقي ۽ فني مھارت فراهم ڪري سگھجي. يونيورسٽي جو قيام آگسٽ 2022 ۾ ٿيو آھي جڏھن ته پھرين بيچ جا ڪلاسز نومبر 2022 ۾ شروع ٿيا آھن. يونيورسٽي جي پھرين عارضي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سمرين حسين ھئي جڏھن ته پھريون مستقل وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر زاھد حسين کنڊ آھي.

چند ڏينھن پھريان اروڙ يونيورسٽي وزٽ ڪرڻ جو موقعو مليو، جتي يونيورسٽي جي رجسٽرار ڊاڪٽر پير سھيل سرهندي يونيورسٽي وزٽ ڪرائڻ جا انتظام ڪيا ۽ يونيورسٽي جي ھڪ آفيشل محمد علي ڀٽو يونيورسٽي جا سمورا شعبا وزٽ ڪرايا ۽ بريفنگ ڏني. اروڙ يونيورسٽي جو قيام سنڌ حڪومت جي ھڪ اھم تعليمي منصوبي تحت عمل ۾ آيو آھي. يونيورسٽي جو مقصد نه صرف جديد تعليمي معيارن کي واڌارو ڏيڻ آھي بلڪه سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي حفاظت ڪرڻ به آھي.اروڙ يونيورسٽي ۾ ھيٺيان شعبه آھن.

 آرث ۽ ڊزائن جو شعبو:

ھن شعبي ۾ مصوري، گرافڪ ڊزائن، اينيميشن ۽ فائن آرٽس جي تعليم ڏني وڃي ٿي .

 آرڪيٽيڪچر جو شعبو:

ھن شعبي ۾ جديد ۽ روايتي طرز تعمير جي تعليم ڏني وڃي ٿي.

 ثقافتي ورثي جو شعبو:

آثار قديمه، ميوزم اسٽڊيز ۽ ھيريٽيج مينجمينٽ جي تعليم ڏني وڃي ٿي.

 ٽيڪنالاجي جو شعبو:

ھن شعبي ۾ ڊجيٽل ميڊيا، انڊسٽريل ڊزائن ۽ ٽيڪسٽائل ڊزائن جي تعليم ڏني وڃي ٿي.

 يونيورسٽي ۾ جديد سھولتون:

يونيورسٽي ۾ جديد سھولتون فراھم ڪيون ويون آھن جن ۾ جديد ليبارٽري، آرٽ گيلري، تحقيقاتي مرڪز، آڊيٽوريم ۽ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ھاسٽل شامل آھن. ان کان علاوه ھڪ مومي ميوزم به تيار ڪيو ويو آھي، جتي سنڌ جي ثقافتي ورثي کي محفوظ ڪيو پيو وڃي.

 اروڙ ٽيسٽنگ سروس (ATS):

يونيورسٽي اروڙ ٽيسٽنگ سروس جو آغاز پڻ ڪيو آھي جيڪو مختلف تعليمي ۽ ملازمتن لاءِ امتحان وٺڻ لاءِ ھڪ معياري ادارو ھوندو.اروڙ يونيورسٽي پاڪستان ۾ ھڪ منفرد تعليمي ادارو آھي، جيڪو آرٽ، ثقافت ۽ تاريخي ورثي جي تعليم کي واڌارو ڏئي رھيو آھي. ھي نه فقط سنڌ بلڪه سموري پاڪستان جي شاگردن لاءِ تخليقي ۽ جديد تعليم جا موقعا فراھم ڪري رھيو آھي.ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اروڙ يونيورسٽي کي جديد انداز ۾ ويران پھاڙ تي خوبصورت ٺاھڻ ۾ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر زاھد حسين کنڊ ۽ ان جي ٽيم جو اڻ ٿڪ محنتون آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.