ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي احتجاج تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪڙڪي پيا، عورتن تي تشدد ڪندي سمي دين بلوچ سميت ڪيتريون ئي عورتون، نوجوان ۽ انساني حقن جا اڳواڻ به گرفتار ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪمشنر ڪراچي شهر ۾ قلم 144 لڳائيندي جلسن جلوسن تي بندش لڳائي ڇڏي آهي. ماهه رنگ بلوچ ۽ ٻين جي گرفتاري خلاف بلوچ يڪجهتي ڪميٽي پاران احتجاج جي اعلان کانپوءِ پريس ڪلب جي آس پاس واري رستن کي بند ڪيو ويو، شهر ۾ دفعه 144 لاڳو ڪيو ويو. بلوچ يڪجہتي ڪميٽي (بي وائي سي) پاران ڪراچي پريس ڪلب (ڪي پي سي) تي احتجاج جي اعلان کان پوء پريس ڪلب جي آس پاس واري رستن کي به ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جا ڪارڪن ۽ انساني حقن جي تنظيم جي ڪارڪنن جي ريلي کي ڦوارهه چوڪ وٽ روڪيو ويو، جتي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان مزاحمت ڪئي وئي پر پوليس سمي دين بلوچ ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي حامين کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. ان موقعي تي انساني حقن جي تنظيم جا ڪارڪن به موجود هئا. پوليس بلوچ يڪجهتي ڪميٽي اڳواڻ وهاب بلوچ ۽ ٻين کي دير تائين ظاهر نه ڪيو ويو هو. ٽريفڪ پوليس طرفان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان موجب دين محمد وفائي روڊ کان ايم آر ڪياني چورنگي کان ڦوهاري چوڪ تائين ٻنهي روڊن کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو.
ڪوئيٽا(م ڊ) ڪوئيٽا ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي گرفتار اڳواڻن کي عدالت پيش نه ڪيو ويو. جڏهن ته گرفتارين خلاف ڪوئيٽا سميت سڄي بلوچستان ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڪوئيٽا ۾ وري احتجاج تي ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو آهي. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا کان گرفتار ٿيل ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ ۽ بيبرگ بلوچ کي عدالت ۾ پيش نٿو ڪيو وڃي. جاري ڪيل بيان ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي اها پڻ دعويٰ ڪئي ته ڪوئيٽا ۾ الهندي بائي پاس جي جنهن علائقي ۾ ڌرڻو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، اُتي پوليس جي وڏي نفري موجود هئي، جڏهن ته سریاب ۾ قمبراڻي روڊ تي گڏ ٿيندڙ مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ شيل فائر ڪيا ويا. بي وائي سي جي اڳواڻ ڊاڪٽر صبيحہ بلوچ دعويٰ ڪئي آهي ته پوليس ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ اچڻ وارن کي گرفتار ڪري رهي آهي، پر پوليس ڪنهن به گرفتاري جي تصديق نه ڪئي آهي. بي وائي سي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف ڪيچ ۽ بلوچستان جي ٻين علائقن ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهيو. ڊاڪٽر صبيحہ بلوچ بي بي سي کي ٻڌايو ته اسان بروري روڊ تي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو هو، پر ان موجب پوليس اُتي ڌرڻو ڏيڻ کان روڪي رهي آهي ۽ اچڻ وارن کي گرفتار ڪري رهي آهي. هنن گرفتاريون ڪرڻ بابت ويڊيوز پڻ شيئر ڪيون، جڏهن ته بروري پوليس جي هڪ سينيئر اهلڪار ٻڌايو ته اڄ تائين بروري ۾ ڪنهن کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي.ڪيچ جي هيڊ ڪوارٽر تربت ۾ هڪ ريلي ڪڍي وئي. تربت سان گڏ بليده ۾ پڻ عورتن هڪ احتجاجي ريلي ڪڍي. سرحدي ضلعي پنج گور ۾ سرڪاري اختيارين ٻڌايو ته پنجگور شهر ۾ بي وائي سي جي اڳواڻن جي گرفتاري خلاف ٽئين ڏينهن به شٽر ڊائون هڙتال جاري رهي.ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ ۽ بي وائي سي جي ٻين گرفتار اڳواڻن جي وڪيل عمران بلوچ ٻڌايو ته ڪوئيٽا ۾ جن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، انهن کي 3 ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته جيتوڻيڪ انهن خلاف مختلف ٿاڻن ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، پر اڃا تائين گرفتار ٿيل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ڪنهن به عدالت ۾ پيش ناهي ڪيو ويو. ان کان پوء، هنن ٻڌايو ته ايم پي او تحت سڀني ماڻهن جي گرفتاري کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ درخواست جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي. هنن اهو پڻ ٻڌايو ته اسان عدالتن کان گرفتار ٿيل بي وائي سي جي اڳواڻ بيبرگ بلوچ ۽ هڪ ٻئي شخص قدرت الله جي رهائي جا آرڊر حاصل ڪيا آهن، پر انهن کي به آزاد نٿو ڪيو وڃي.