سمي دين بلوچ ۽ ٻين کي بنا دير آزاد ڪيو وڃي: ايڇ آر سي پي

ڪراچي( پ ر) ايڇ آر سي پي بلوچ حقن جي ڪارڪنن ۽ انهن جي حمايتين جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙن کي ڪوئيٽا ۾ بي واءِ سي سان تعلق رکندڙ پنهنجن اتحادين سان ٿيندڙ سلوڪ خلاف پرامن احتجاج ڪرڻ تي حراست ۾ ورتو ويو آهي. گرفتار ٿيلن، جن ۾ سميع دين ۽ ٻيا شهري حقن جا ڪارڪن شامل آهن، کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. اسان سنڌ حڪومت تي زور ڏيون ٿا ته پرامن احتجاج کي بغير ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهڻ ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.