سنڌو درياهه منجهان نڪرندڙ نوان ڪينال ۽ سنڌ جو مستقبل

تحرير: اختر چنو

جڏهن کان سنڌو درياهه مان ڇهه ڪينال ڪڍڻ واري خبر سنڌ جي ماڻهن ٻڌي آهي ان ڏينهن کان سڄي سنڌ ۾ بيچيني پکڙيل آهي. ميڊيائي رپورٽن موجب ته گرين پاڪستان منصوبي تحت پنجاب جي چولستان کي سرسبز ڪيو ويندو. چولستان پنجاب جي بهاولپور ڊويزن ۾ آهي. چولستان جي لکين ايڪڙ وارياسي زمين مختلف ڏيهي/ پرڏيهي ڪمپنين کي ليز تي ڏني وئي آهي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان وارياسي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ وزير اعلي سنڌ مراد علي شاھ جو موقف آهي ته پاڻي پنهنجو ڪتب آڻيندا! ٻئي طرف ن ليگ جا اڳواڻ چئي رهيا آهن ته سنڌو درياهه پنجاب جي حدن مان گذري ٿو ان جي ڪري اسان انڊس مان واڌو پاڻي کڻي سگهون ٿا. پنجاب وارن ڪجهه ڏينھن اڳ هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي هئي جنهن ۾ اهو مطالبو ڪيو ويو هو ته سنڌو درياهه جو نالو مٽائي پنجاب درياهه رکيو وڃي.

اسان بار بار اهو چئي رهيا آهيون ته سنڌ هڪ مڪمل زرعي خطو آهي. اسان جو گذر سفر جو واحد ذريعو سنڌو درياهه آهي. جيڪڏهن پاڻي اچڻ گهٽجي ويو ته پوءِ سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمين غير آباد ٿي ويندي. هزارين ننڍا وڏا آبادگار  مڪمل طور تي غريب ٿي ويندا. اسان وٽ سنڌ ۾ ايڏي وڏي تباهي ايندي جنهن جو تصور ڪندي به لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. مال متاع، پکي پکڻ ۽ لکين ڪروڙين ماڻهو اڃ وگهي مري ويندا! اسان جي معشيت جو وڏو حصو زراعت سان لاڳاپيل آهي. سنڌ ۾ وونئڻ، ڪڻڪ، چانور، سبزيون ۽ ميوا وغيره جھجھي مقدار ۾ پوکيا وڃن ٿا. سنڌ جي زرعي پيداوار سنڌ جي ماڻهن کي کاڌ خوراڪ مهيا ڪرڻ سان گڏ سنڌ ۾ خوشين جي ضامن آهي. سنڌو درياهه صرف پاڻي جو نالو ناهي سنڌو، سنڌ جي هزارين سالن جي تهذيب تمدن ۽ تاريخ جو نالو آهي. جيڪڏهن ڪينال ٺهيا ۽ سنڌ جي پاڻي سان هٿ چراند بند نه ٿي پوءِ سنڌ جون حالتون ڪنٽرول مان نڪري وينديون. سنڌ لڳاتار ڪيترن ئي سالن کان وٺي پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏيندي پئي اچي. ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه وڃڻ ڪري انڊس ڊيلٽا مڪمل طور تي تباھ ٿي چڪو آهي. ٺٽي ۽ بدين ضلعن جي زمين سمنڊ روزانو جي بنياد تي ڳڙڪائي رهيو آهي.

چولستان جي سڄي ايراضي 1 ڪروڙ 12 لک ايڪڙ آهي. آباد زمين 38 لک ايڪڙ جيڪا صادقين ۽ ڦورٽ ڪينالن تي آباد ٿئي ٿي. ڪل وارياسو 65 لک ايڪڙ پوک جي لائق آهي باقي 30 لک ايڪڙ وارياسو جنهن ۾ ڪيٽل فارم ۽ پولٽري فارم آهن، باقي نوي هزار ايڪڙ زمين پوک جي لائق ئي ناهي. وارياسي يا لٽاسي زمين پاڻي تمام گهڻو جذب ڪندي آهي يا ته وري ان جي پاڻي جذب ڪرڻ جي حد ٿيندي آهي. جيڪڏهن ان کان وڌيڪ پاڻي ڏبو ته پوءِ اها زمين دلدل ٿي ويندي آهي. موجوده پنجاب حڪومت طرفان 2024-2025ع جي بجيٽ ۾ 176 ڪلوميٽر طويل چولستان ڪينال ٺاهڻ جي لاءِ 218 ارب رپيا رکيا ويا آهن. تمام وڏي هيوي مشينري ڏينهن رات هڪ ڪري ڪينال کوٽي رهيون آهن. نه رڳو ايترو پر ان علائقي ۾ وڏا ويڪرا ۽ ڪشادا روڊ رستا پڻ تعمير ڪيا ويا آهن. چولستان ڪئنال ٺاهڻ جي منظوري سي سي آءِ کان به نه ورتي وئي آهي نه ئي هن وقت تائين ڪو اجلاس سڏايو ويو آهي. صدر پاڪستان آصف زرداري 8 جولاءِ 2024ع تي گرين پاڪستان انيشيٽو جي گڏجاڻي ۾ نون ڪينالن ٺاهڻ جي منظوري ڏني هئي، جيڪا غير آئيني هئي. ڇوته سي سي آءِ ۾ بحث ڪرڻ بنا ئي ائين ڪيو ويو آهي. جنهن تي سنڌ کي اعتراض آهن. هي سڀ SIFC جي اپيڪس ڪاميٽي ۾ (جنهن جا ميمبر وزير اعظم، آرمي چيف ۽ صوبن جا وڏا وزير آهن) اهي سنڌو درياهه منجهان نوان ڇهه ڪينال ڪڍڻ جي منظوري ڏئي چڪا آهن. اهڙي پڪ ملڻ کان پوءِ پنجاب حڪومت چولستان ڪئنال جي لاءِ فنڊ جاري ڪيا آهن.

وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ سنڌ ڪابينا جا ٻيا ميمبر مسلسل انڪار ڪري رهيا آهن ته اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي ڪينال نٿو ٺهي وغيره. وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاهه ڪينالن جي حوالي سان موقف تبديل ڪندو رهيو آهي. سنڌو درياهه بچايو ڪاميٽي جو ڪنوينر سيد زين شاهه ان هنڌ پهتو جتي اهو ڪينال ٺهي رهيو. اتان لائيو وڊيو تي ڳالهھ ٻولهه ڪئي، جيڪا سڄي دنيا ٻڌي. پاڻيءَ ۽ بجليءَ جي وفاقي وزير مصدق ملڪ به اسيمبلي فلور تي اعتراف ڪيو آهي ته ڪينال ٺهن پيا پر اسان سڀني جي گڏيل رضامندي شامل آهي. معنيٰ پ پ پ جي رضامندي سان ٺهي رهيا آهن. اهڙو انڪشاف سنڌ ۾جي ڊي اي اتحاد جو سربراهه پير پاڳارو بلوچستان جي دوري دوران به ڪري چڪو آهي. جنهن چيو هو ته ڇهه ڪينال آصف زرداري جي رضامندي سان ٺهي رهيا آهن!

سنڌ جي ڪينالن جي ڪمانڊ زرعي پيداوار لائق زمين 70 لک ايڪڙ آهي، جنهن کي سيراب ڪرڻ لاءِ سنڌ کي روزانو 23-25 لک ڪيوسڪس پاڻي گهربل آهي. سالياني حساب سان سنڌ جي پاڻي گهرج 757 MAF آهي. سنڌ ۽ پنجاب جي وچ تي پاڻي تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ 1945ع ۾ انگريز سرڪار سنڌو طاس معاهدو تشڪيل ڏنو هو ان معاهدي تي عمل ڪونه ٿيو. وري 1991ع ۾ نئون پاڻي معاهدو ٿيو ان جي مطابق به سنڌ کي ساليانو 84.76  MAF پاڻي ملڻ گهرجي. اسان کي هر سال گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي (ارسا ۾ جيڪو سنڌ جو نمائندو ويٺو آهي ان به تمام گهڻا ڇرڪائيندڙ انگ اکر ٻڌايا آهن) جيڪو خريف جي لاءِ پاسي اسان کي اپريل ۾ ملڻ گهرجي اهو پاڻي مس وڃي جولاءِ ۾ ملي ٿو. ٽي کان چار مهينا پاڻي کوٽ سبب سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن جو جر يا ته کارو ٿي ويو آهي يا  وري سڪي ويو آهي. جيڪو پاڻي ڏنو وڃي ٿو ان سان سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 30-35 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي رهي آهي. جڏهن ته سنڌ کي 70 لک ايڪڙن لاءِ پاڻي گهربل آهي، ان جو مطلب اهو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 35-40 لک ايڪڙ زمين پاڻيءَ جي کوٽ سبب غيرآباد ٿي وئي آهي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر سنڌ کي ڪهڙي ڏوھ جي سزا ڏني پئي وڃي.؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.