ڀنڀور/ٺٽو: جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي ته سنڌو ۾ پاڻي جي پھريان ئي شديد کوٽ آھي ڪوٽڙي کان ھيٺ ضرورت مطابق پاڻي نـ اچڻ ڪري ڊيلٽائي خطو برباد ٿي ويو آھي ڪچي جي 30 لک ايڪڙ زمين ڪلراٺي ٿي وئي 8 لک ايڪڙن تي بيٺل ٻيلو ختم ٿي ويو دنيا درياھن کي انساني حق پئي ڏئي ھن ملڪ ۾ درياھن جا رخ موڙيا پيا وڃن 6 نوان ڪئنال ڇهھ اجتماعي قبرون آھن جن ۾ سنڌ واسين کي دفن ڪرڻ چاھين ٿا پ پ جو ڪئنالن تي احتجاج ڍونگ آھي صدر زرداري چاھي تـ اڄ بـ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڪئنال رد ڪري سگھي ٿو عالمي ماحولياتي ادارا سنڌو درياهه جي بربادي تي ماٺ آھن جنھن تي حيرت آھي سنڌو درياھ جيڪا لٽ آڻيندو ھو ۽ مٺو پاڻي اھو سمنڊ کي وڌڻ کان روڪيندو ھو ھاڻ سمنڊ ھر مھيني ساحل جي 150 ايڪڙ زمين کائي رھيو آھي ان جو ذميوار پنجاب آھي. ھن چيو ته سڀاڻي سنڌو تي ڌاڙي نون ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف جيئي سنڌ محاذ پاران سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا مرڪزي ريلي مڪلي کان ٺٽي تائين نڪرندي ان ڏس ۾ سڀني سياسي مذھبي علمي ۽ ادبي ڌرين کي دعوت ڏني وئي آھي