50 سيڪڙو زراعت سان تعلق رکندڙ طبقو بيروزگار

ڀنڀور/ٺٽو: صدين کان آباد ۽ خوشحال سامونڊي پٽي جي پڇڙي وارين شاخن انڊو، دارسي، خاڻاني، مليرڙي، جھالو، گهوڙاٻاري، جوھو، ٻن ڳاڙھو جي پڇڙي ۾ زرعي پاڻي جي شديد کوٽ سبب هزارين ايڪڙ زرعي زمينون غير آباد ٿيڻ سبب 50 سيڪڙو زراعت سان تعلق رکندڙ طبقو بيروزگار ٿي چڪو آهي. 35 سيڪڙو ماهيگيري سان تعلق رکندڙ طبقو بيروزگار بڻجي ويو آهي، جنهن ڪري هتان جا ماڻهو ابراهيم حيدري، ملير، گهگهر، گلشن حديد، ڌاٻيجي، ڪراچي ۽ ٻين هنڌن تي هليا ويا آهن، هن علائقي جا خوشحال خاندان ٻين هنڌ تي وڃي مزدوري ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.