ڀنڀور/ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي /مقصود احمد جوکيو) ٺٽي ضلعي ۾ پاڻي بحران شدت اختيار ڪري ويو، پيئڻ لاءِ به پاڻي اڻلڀ، ٺٽي ضلعي جي تعلقن ٺٽو، گھوڙاٻاري، ميرپور ساڪرو، ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ جي مختلف واھن ۽ شاخن ٺٽي جي واھن، شاخن، برانچ سمڪي، ھالاٽ، ڄام واھ، سدابھار نالي، ٺٽو نالي، ننڍي الھکائي، وڏي الھکائي، گھار مساڻ، کٽياڻ ليفٽ رائيٽ، ٻائو پورنداس، ڄام برانچ سميت ٻين واھن ۽ شاخن ۾ واري اڏامي رھي آھي، جنھن جي ڪري پاڻي جي کوٽ خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آھي، بيٺل فصل سُڪي ويا آھن، پاڻي پڇڙي تائين نه پھچڻ ڪري سامونڊي پٽي توڙي ڪوھستاني پٽي ۾ به جر جو پاڻي کارو ٿيڻ لڳو، ڪوھستاني پٽي مان به برساتن جو پاڻي ختم ٿيڻ ڪري ڏڪاري حالتون پيدا ٿيڻ لڳيون، جنھن ڪري رھواسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ سخت پريشان لڳا آھن، علائقي واسين موجب سنڌو درياهه تي 6 تڪراري ڪئنال ڪڍي سنڌ جي حصي جي پاڻي تي قبضو ڪري ان کي ھٿ وٺي سڪايو پيو وڃي ته ٻئي طرف ضلعي جي سمورن ننڍن، وڏن واھن جو پڻ پاڻي بند ڪري عوام کي اڃ مرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، جنھن ڪري پاڻي جو سخت بحران پيدا ٿي ويو آھي، رهواسين گھر ڪئي ته ضلعي جي سمورن واھن ۽ شاخن ۾ پنھنجي حصي جو پاڻي ڇڏي، آبادگارن ۽ مالوند ماڻھن کي وڌيڪ پريشاني ۽ نقصان کان بچايو وڃي.