دهشتگردن جي آبادڪاري خلاف ايمل ولي خان جي درخواست رد

پشاور(م ڊ)پشاور هاءِ ڪورٽ دهشتگردن جي آبادڪاري خلاف عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه سينيٽر ايمل ولي خان جي درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت دهشتگردن جي آبادڪاري خلاف سينيٽر ايمل ولي خان جي درخواست تي 6 صفحن تي ٻڌل لکت وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، درخواست رد ڪندي عدالت چيو ته درخواستگذار بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي جو ڪو به ثبوت پيش نه ڪيو آهي، پاليسي سازي حڪومت جو اختيار آهي ۽ ڪنهن به حڪومتي پاليسي کي غير مقبوليت جي بنياد تي رد نٿو ڪري سگهجي، فيصلي ۾ چيو ويو ته خيبرپختونخواهه ڏهاڪن کان دهشتگردي جو شڪار آهي، هزارين قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ شهري شهيد ٿي چڪا آهن، جڏهن ته صوبي کي اربين ڊالرن جو معاشي نقصان به ٿيو آهي،عدالت وڌيڪ چيو ته دهشتگردي سبب ملڪ خاص طور تي خيبرپختونخواهه جو وقار عالمي سطح تي متاثر ٿيو ۽ ڪيتريون ئي سياسي شخصيتون آپگهاتي حملن ۾ شهيد ٿي ويون، فيصلي ۾ چيو ويو ته درخواستگذار سينيٽر آهي، معاملو پارليامينٽ ۾ اٿاري سگهي ٿو، جيڪڏهن کيس تحفظات آهن ته لاڳاپيل حڪومتي ادارن سان رابطو ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.