صدر زرداري جي صحت بابت ڳڻتي پکڙيل

لاهور/اسلام آباد(امداد سومرو)صدر آصف علي زرداري جي صحت ۽ هن جي زبان کي ڏسي هر طرف ڳڻتي پکڙيل آهي،يوم پاڪستان جي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ سروسز چيفس ،وزيراعظم، غير ملڪي سفارتڪار به شريڪ ٿيا،وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي غيرحاضري جي حوالي سان به افواهه هلندا رهيا،هو گهڻن ڏينهن کان لاپتا آهي،هن جي استعيفيٰ جا افواهه به هلي رهيا آهن،11 منٽن تائين صدر مملڪت جي خطاب بعد هن جي صحت جي حوالي سان سوال اٿي ويا آهن،ان دوران صدر زرداري هڪ جملو به مڪمل نه ڳالهائي پئي سگهيو،هن جي زبان لڙکڙائي رهي هئي،هو وڏي عرصي کان بيمار به رهندو آيو آهي،هن نوازشريف،مشرف ۽ عمران خان جي دور ۾ جيل ڪاٽيا آهن، ان دوران هن جي جسماني صحت کي وڏونقصان پهتو آهي،هن کي ايوان صدر ۾ سهاري تي هلايو وڃي ٿو،ان حالت ۾ به هو بلوچستان وڃي اجلاس ڪوٺايو،جنهن ۾ سموريون قوم پرست پارٽيون شريڪ هيون، بلوچستان جي هن صورتحال ۾ نوازشريف ۽ آصف زرداري ئي وڏو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا،هو اختر مينگل،ڊاڪٽر مالڪ بلوچ،زهري ۽ ٻين اڳواڻن کي انگيج ڪري صورتحال ۾ ٺاپر آڻي سگهجي ٿي،نوازشريف به پنهنجي صحت جي ڪري ايترو متحرڪ ناهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.