ماهه رنگ ۽ ٻين خلاف قتل ۽ دهشت گردي سميت 3 ڪيس داخل، بلوچستان ۾ هڙتال

ڪوئيٽا(ع آ نيوز) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي اڳواڻ ماهه رنگ بلوچ سميت ٻين اڳواڻن خلاف ٽي مختلف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. جڏهن ته مختلف شهرن ۾ هڙتال ڪئي وئي آهي. ڪوئيٽا ۾ احتجاجدوران مارجي ويل ٽن ڄڻن جي قتل جو ڪيس به ماهه رنگ، بيبو بلوچ، صبيحه بلوچ، صحبت الله بلوچ، رياض گشڪوري، گلزار دوست، ڊاڪٽر شيلي بلوچ ۽ ڊاڪٽر بينظير کي به نامزد ڪيو ويو آهي. ڪيسن ۾ قتل ڪيس، قتل جو ارادو، ماڻهن کي بغاوت لاءِ اڀارڻ، نسلي، لساني نفرت پکيڙڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. بلوچستان جي مختلف حصن ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي (بي وائي سي) جي سڏ تي شٽر ڊائون هڙتال ڪالهه پڻ جاري رهي، جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ حالتون معمول تي واپس آيون ۽ انٽرنيٽ سروس پڻ 4 ڏينهن کان پوء بحال ڪئي وئي. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي چيف آرگنائزر ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ ۽ ٻين 16 ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ خلاف احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي. ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ بلوچ هڪجهتي ڪميٽي جي ڪارڪن بيبرگ بلوچ، انهن جي ڀاءُ ۽ بولان ميڊيڪل ڪاليج جي وائيس پرنسپل ڊاڪٽر الياس بلوچ ۽ انهن جي گهراڻن جي گرفتاري خلاف احتجاج جي قيادت ڪري رهيون هيون. ڊاڪٽر الياس ۽ انهن جي عزيزن کي رات دير سان آزاد ڪيو ويو. هوڏانهن ڪوئيٽا ۾ چئن ڏينهن کان پوءِ انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس جزوي بحال ٿي آهي. بلوچستان جو سڄي ملڪ سان ريلوي رابطو ڪٽيل آهي. ٻن ڏينهن کان ڪي پي ويندڙ ريل بيٺل آهي. ماهه رنگ بلوچ جي ايڪس اڪائونٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ سندس ڀيڻ چيو ته ماهه رنگ بلوچ، بيبو بلوچ، بيبرگ بلوچ ۽ انهن جي دوستن جي محفوظ آزادي لاءِ آواز اٿارينديس. پوسٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيستائين مهارنگ بلوچ غيرقانوني نظربندي ۾ رهندي تيستائين هي اڪائونٽ هلائينديس ۽ تازي معلومات فراهم ڪنديس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.