گرين پاڪستان،سنڌ، بلوچستان۽ موجوده حالتون

تحرير: ياسمين چانڊيو

ٻيو ۽ آخري حصو

سنڌ تي ظلم جو سلسلو هڪ نئين رخ سان جاري آهي. "گرين بيلٽ” جي نالي سان ڪراچيءَ جي ملير ۽ سامونڊي پٽيءَ وارا قديم ڳوٺ مسمار ڪيا پيا وڃن، جتي صدين کان سنڌي آبادي رهي پئي. هي ڪو ماحولياتي بهتري جو منصوبو ناهي، بلڪه هڪ سازش آهي ،سازش سنڌي آباديءَ کي ڪراچيءَ مان ختم ڪرڻ جي، جيئن هتي جي اصل واسي اقليت ۾ تبديل ٿي وڃن ۽ سندن وجود کي مڪمل طور تي ميساري سگهجي.

ڪراچي، جيڪا ڪڏهن سنڌ جو ساهه ۽ سڃاڻپ هئي، اڄ سنڌين لاءِ اوپري  بڻائي وڃي پئي. ملير، جيڪا ڪراچيءَ جو ساھ هئي ، اڄ استحصالي منصوبن جي ور چڙهيل آهي. ڪڏهن "ترقي” جي نالي تي ته ڪڏهن "گڏيل مفادن” جي بهاني، پر اصل ۾ هتي جي زمينن تي قبضي لاءِ وڏا منصوبا جوڙيا پيا وڃن. گرين بيلٽ ته صرف هڪ ڀوڳ آهي ،جيڪڏهن واقعي به ماحولياتي بهتري مقصد هجي ها ته اڳ ئي ڪٽي تباهه ڪيل وڻ ٻيهر پوکيا وڃن ها، ملير ۽ سامونڊي پٽيءَ جا قدرتي ذخيرا بچايا وڃن ها، پر هتي ته رڳو سنڌ جي اباڻن ڳوٺن کي ختم ڪرڻ تي زور آهي.

مسئلو رڳو ملير جو ناهي، هي سنڌ خلاف هڪ وڏي منصوبي جو حصو آهي. بلوچستان وانگر هتي به مقامي ماڻهن کي سندن وسيلن ۽ زمينن تان بيدخل ڪرڻ لاءِ نيا نيا  بهانا  ٺاهيندا پيا  وڃن. حڪمرانن جي نيت صاف هجي ها ته هو سنڌ واسين کي مالڪيءَ جو حق ڏين ها، نه ڪي نئين آبادڪاريءَ جي نالي ۾ سندن پيرن هيٺيان ڌرتي کسي وٺن ها.پر سٺي  ڳالهه اھا آھي ته سنڌ جو عوام هاڻي جاڳي پيو آهي. هي ظلم هاڻي وڌيڪ برداشت نه ٿيندو. ڪراچي، ملير ۽ سامونڊي پٽيءَ جا اصل واسي پنهنجي وجود جي جنگ وڙهي رهيا آهن، ۽ جيڪڏهن هي استحصالي منصوبا نه روڪيا ويا ته اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن هي نظام پنهنجي ئي بُناوت ۾ ڦاسي تباهه ٿي ويندو.

ٻيو ته سنڌ کي ڄاڻي واڻي پاڻيءَ جي مسئلي ۾ الجهايو ويو آهي. سنڌو درياهه، جيڪو تاريخي طور تي سنڌ جو حق آهي، ان تي ڊيم ٺاهي پاڻيءَ جو رخ پنجاب طرف موڙيو ويو. سنڌ جي زراعت، جيڪا ملڪ جي معيشت لاءِ اهم آهي، اڄ پاڻيءَ جي کوٽ سبب تباهه ٿي رهي آهي. پنجاب ۾ واهن ذريعي زرخيز زمينن کي پاڻي مهيا ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سنڌ جا آبادگار پنهنجون زمينون سڪي وڃڻ سبب لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

بلوچستان، جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، پر ان جا ماڻهو اڃا تائين بنيادي سهولتن کان محروم آهن. اتي گئس جا ذخيرا هجڻ باوجود، بلوچستان جا شهر ۽ ڳوٺ گئس کان محروم آهن، جڏهن ته اهو ساڳيو گئس پنجاب کي فراهم ڪيو پيو وڃي. ساڳئي طرح، سنڌ مان نڪرندڙ تيل، ڪوئلو، ۽ ٻين وسيلن جو وڏو حصو وفاقي حڪومت ۽ پنجاب لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.

جيڪڏهن موجوده دؤر جي  ڳالهه ڪجي ته! دنيا جي هر ملڪ ۾ سائنسدانن جو تعداد وڌي رهيو آهي، پر سنڌ ۾ تعليمي نظام کي ڄاڻي واڻي تباهه ڪيو ويو آهي. سنڌ جي اسڪولن ۽ يونيورسٽين کي فنڊن کان محروم رکيو ويو آهي، جيئن علمي ترقي نه ٿي سگهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته جتي دنيا جا ملڪ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، اتي سنڌ کي ڄاڻي واڻي پوئتي رکيو ويو آهي. پنجاب جي يونيورسٽين کي بهترين فنڊ ڏنا وڃن ٿا، جديد تحقيق جا موقعا فراهم ڪيا وڃن ٿا، ۽ نتيجي ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي، ۽ راندين جي شعبي ۾ پنجاب جو ئي راڄ آهي.

جيتوڻيڪ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٽيلينٽ جي کوٽ نه آهي، پر قومي سطح تي رڳو پنجاب کي نمائندگي ڏني وڃي ٿي. ڪرڪيٽ هجي، هاکي، يا ٻي ڪا به راند، هر جاءِ تي پنجاب جي رانديگرن کي ترجيح ڏني وڃي ٿي، جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان جي رانديگرن کي موقعا ڏنا ئي نٿا وڃن.سنڌ ۽ بلوچستان جي صورتحال 1971ع جي بنگلاديش جهڙي ٿي رهي آهي. جيڪڏهن هاڻي به صورتحال کي سنجيدگيءَ سان نه ورتو ويو، ته مستقبل ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون. "گرين پاڪستان” جو اصل مطلب آهي پنجاب ۽ اسلام آباد کي ترقي ڏئي، سنڌ ۽ بلوچستان کي وسيلن کان محروم ڪرڻ آهي

هاڻي سنڌ ۽ بلوچستان کي پنهنجو مستقبل پاڻ سنوارڻو پوندو. احتجاجن کان اڳتي وڌي، هڪ نئين حڪمت عملي تيار ڪرڻي پوندي، جيئن مستقبل ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهو پنهنجا حق حاصل ڪري سگهن. پاڪستان کي ڪشمير جي ڳڻتي ڪرڻ کان اڳ پنهنجن ئي وسيلن تي قبضي ۽ صوبن جي حقن جي ڦرلٽ کي ختم ڪرڻ گهرجي، نه ته ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ پاڪستان جو نالو ئي ختم ٿي سگهي ٿو، ۽ صرف ” گرين پنجاب” باقي رهجي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.