اھو سمجھه کان ٻاھر آھي تھ آمريڪا ۽ افغانستان جا لاڳاپا بھتري ڏانھن وڌي رھيا آھن ۽ پاڪستان ۽ افغانستان جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ تلخي اچي رھي آھي.افغانستان ۾ طالبان حڪومت قيد ڪيل آمريڪي شهري جارج گليزمين کي آزاد ڪري ڇڏيو آھي.ھو ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين قيد ۾ھو.جارج گليزمين آمريڪا ۾ ڊيلٽا ايئر لائنز لاءِ ۾ ميڪينڪ طور ڪم ڪندو هو. ڊسمبر 2022 ۾ سياحت لاءِ افغانستان وڃڻ دوران اتي گرفتار ٿيو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قيدين جي معاملن بابت خاص صلاحڪار ايڊم بوهلر ۽ ٻين آمريڪي عملدارن تي مشتمل هڪ اعليٰ وفد افغانستان جو دورو ڪيو، جتي انهن طالبان حڪومت جي پرڏيهي وزير امير خان متقي پڻ سان ملاقات ڪئي.آمريڪي وفد ۽ طالبان ۾ ھن ملاقات کي جنوري ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف کڻڻ کان پوءِ ڌرين وچ ۾ اعليٰ سطحي سڌيون ڳالهيون سمجهيون پيون وڃن،
بي بي سي پشتو طالبان جي پرڏيهي وزارت جو حوالو ڏيندي چيو ته امير خان متقي آمريڪي وفد سان ڳالهين ۾ چيو ته "ٻنهي ملڪن لاءِ اهو ضروري آهي ته اهي 20 سالن جي جنگ جي اثرن تي قابو پائين ۽ هڪ ٻئي سان مثبت سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپا رکن.”طالبان حڪومت جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته "ادم بوھلر قيدين جي حوالي سان افغانستان ۽ آمريڪا ۾ اعتماد سازي ۾ پيش رفت کي هڪ سٺو قدم قرار ڏنو.”
بي بي سي پشتو جي هڪ رپورٽ موجب، طالبان حڪومت جي هڪ سيڪيورٽي عهديدار تصديق ڪئي ته طالبان حڪومت قيدين جي حوالي سان آمريڪي نمائندن سان مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ ان ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. پر طالبان سرڪار اهو نه ٻڌايو ته افغانستان ۾ اڃان ڪيترا آمريڪي قيدي آهن.افغان پرڏيهي وزارت موجب ڪابل ۾ ٿيل ملاقات ۾ اڳوڻو آمريڪي سفير زلمي خليل زاد به آدم بوهلر سان گڏ موجود هو.
2021 ۾ افغانستان ۾ طالبان جي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ٻنهي حڪومتن جي وچ ۾ اڳ رابطا ٻين ملڪن ۾ ٿيا آهن.قطر آمريڪا افغانستان معاهدي ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ان بعد جارج گليزمين آزاد ٿيو.آمريڪي پرڏيھي وزير مارڪو روبيو جو چوڻ آھي تھ ٻيا آمريڪي شهري اڃا تائين افغانستان ۾ قيد آهن.جن ۾ هڪ آمريڪي شهري محمود حبيبي ٻڌايو پيو وڃي، جيڪو آگسٽ 2022 ۾ گرفتار ڪيو ويوآھي.ٽرمپ جي اقتدار سنڀالڻ کان اڳ ٻن آمريڪي شهرين ريان ڪوربيٽ ۽ وليم واليس ميڪينٽي کي آمريڪا ۾ قيد هڪ افغان شهري خان محمد جي آزاديءَ جي بدلي ۾ افغانستان مان ڇڏيو ويو ھو.
بي بي سي پشتو جي مطابق طالبان حڪومت جي پرڏيهي وزارت جي هڪ عهديدار نالي ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته لڳي ٿو ته آمريڪي حڪومت طالبان سان قيدين کان علاوه ٻين معاملن تي بھ ڳالھيون ڪرڻ چاهي ٿي. جنهن ۾ ٻه طرفي سھڪار سان گڏ آمريڪا طرفان خاطري ڏيڻ بھ آهي ته افغانستان جي مفادن جو تحفظ ڪيو ويندو.ياد رهي ته گذريل سال نومبر ۾ آمريڪي اليڪشن کٽڻ کان پوءِ، صدر ٽرمپ، اڳوڻي صدر جو بائيڊن تي افغانستان مان نڪرڻ ۾ ناڪامي جو الزام لڳائي رهيو آهي.ٽرمپ بار بار زور ڏئي چڪو آهي ته هو بگرام فوجي اڏو وڃائڻ نٿو چاهي. هن دعويٰ ڪئي آهي ته بگرام هاڻي چين جي اثر هيٺ آهي.
ياد رھي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ واپسي ۽ عهدي سنڀالڻ کان پوءِ بار بار زور ڏنو آهي ته هو طالبان کان باقي هٿيار واپس وٺندو.هن پهرين ڪابينا جي اجلاس ۾ انهن مان ڪجهه هٿيارن جا انگ اکر پڻ پيش ڪيا ھئا.