24 مارچ هڪ اهڙو ڏينھن آهي جنھن ڏينھن کي پوري دنيا ۾ ٽي بي جو عالمي ڏينھن ڪري ملهايو ويندو آهي ٽي بي جيڪو ٻه اکر B، ۽ T جيڪو انگريزي لفظ tuberculosis جو مخفف آهي جنھن کي تپِ دق يا سلهھ به چيو ويندو آهي، هن مرض کي سڀ کان پھرين 1882ع ۾ ڊاڪٽر رابرٽ ڪاڪ ڳولي لڌو ۽ ان بيماري متعلق يا ايئن چئجي ته سلهھ جي جيوڙي جي نشاندهي ڪئي ۽ سلھه جي خلاف هڪ وڏو انقلاب برپا ڪيو جنھن جي ياد ۾ هر سال 24 مارچ تي عام ماڻهن کي مختلف پروگرامن ذريعي آگاهي ڏني ويندي آهي، 2025 ۾ دنيا ۾ هڪ ئي موضوع ڏنو ويو آهي ته ”ها اسان ٽي بي کي ختم ڪري سگهون ٿا” پر ياد رکو اڄ هن موذي مرض کي 143 سال ٿيا آهن ۽ حڪومتي سطح تي به ڪوششون ڪرڻ جي باوجود هن بيماريءَ کي قاتل مرض جي طور تي ڄاتو وڃي ٿو ان ڪري هن مرض کان واقف هجڻ ضروري آهي جنھن جو مختصر تعارف هن طرح آهي ته
مائيڪوبيڪٽريم ٽيوبرڪل بيسلس هڪ جيوڙو آهي جنھن کي اڪثر ماڻهن آساني سان زبان تي TB چئي اُچاريندا آهن هي هڪ قسم جي بيڪٽيريا آهي جيڪا تپ دق يعني سلهھ (TB) جو سبب بڻجي ٿي. مختصر سمجهڻ لاءِ اهم حقيقت هي آهي ته .tuberculosisهڪ راڊ جي شڪل وارو بيڪٽيريا آهي. اهو گلابي يا ڳاڙهي رنگ کي برقرار رکي ٿو هن جراثيم کي واڌ لاءِ جسم جي هر عضوي کي متاثر ڪري ٿو پر 85 سيڪڙو کي آڪسيجن جي ضرورت پوي ٿي ڇا ڪاڻ ته هي بيماري ڦڦڙن کي متاثر ڪري ٿي، جنهن سبب پلمونري ٽي بي ٿئي ٿي. Tuberculosisهوا جي ذريعي پکڙجي ٿو، جڏهن ڪو متاثر ٿيل ماڻهو کنگهي، ڇڪي يا ڳالهائي، بيمار ٿيل شخص سان ويجهو رابطو ٽرانسميشن جو خطرو وڌائي ٿو. هن مرض ۾ هر سال ڏھ ملين ماڻهن کي هيءَ بيماري نشانو بڻائي ٿي هن وقت تائين هن بيماري ۾ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ انڊونيشيا، چين، فلپائن، نائيجيريا ۽ پاڪستان رڪارڊ تي آيا آهن، مليل انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ هر سال ڇھه لک ڪيس رپورٽ ٿيندا آهن جن مان 15 هزار ماڻهن کي متاثر ڪري ٿي جڏهن ته لڳ ڀڳ 40 هزار مريض هن بيماري جي ڪري موت جو شڪار ٿيندا آهن.
ماهر چيسٽ جي ڊاڪٽرن هڪ پروگرام ۾ ان ڳالهھ کي ظاهر ڪيو ته ٽي بي جي مرض ۽ وچڙڻ بابت آگاهي پروگرامن جي گهٽتائي سبب ڪيترا ماڻهو ٽي بي جي بيماري ۾ وچڙجڻ بعد لاپرواهي سبب موت جو شڪار ٿيندا آهن، سنڌ سرڪار ۽ خانگي طور ڪراچيءَ ۾ انڊس اسپتال، فاطمه ٻائي اسپتال، هولي فيملي اسپتال اِبنِ سينا اسپتال مريضن کي کڻڻ ڇڏڻ لاءِ وينون به مختص ڪري 2017 کان 2018 تائين 15 لک ماڻهن جون ٽي بي جون ٽيسٽون ڪيون، ان جي باوجود پاڪستان ٽي بي جي تشخيص ۽ موت جي لحاظ کان پنجين نمبر تي آهي جنھن مان ثابت ٿيو ته هتي ٽي بي جي شرح تمام گهڻي آهي جنھن ڪري حڪومت طرفان نيشنل ٽي بي ڪنٽرول پروگرام شروع ڪيو ان هوندي 2021 جي انگن اکرن مان ثابت ٿيو ته پاڪستان جي هڪ لک آباديءَ مان 259 ماڻهو ٽي بي جي بيماريءَ ۾ مبتلا آهن ۽ ان سان لاڳاپيل پيچيدگين جي ڪري موت جا واقعا به سرزد ٿيڻ ٿا اھڙي ڳڻتي واري صورتحال سبب سنڌ حڪومت هڪڙي پاسي 1،276 اسپتالون 5،802 آر، ايڇ، سِي (RHC’s) 736 بي ايڇ يو (BHU’s) ڊسپينسريون 780، ٻارن جي صحت جا مرڪز 416 مٿي ڄاڻايل ٽي بي جا ننڍا وڏا مرڪز به قائم ڪيا ۽ ساڳي وقت اوجها سينيٽوريم کي جيئن دائو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ضم ڪري اوجها کي ڪيترا ئي فائده ڏنا ويا پر ڪوٽڙي ۾ قائم ٿيل ٽي بي اسپتال کي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي (لمس) ۾ ض، نه ڪري وڏي زيادتي اها ڪئي وئي آهي جو اڄ بلاول اسپتال ڪوٽڙي ۾ لمس کان ايندڙ ميڊيڪل جا شاگرد جن کي ٽي بي جي بيماري متعلق سکيا لاءِ انسٽيٽيوٽ آف چيسٽ ڊزيز (ٽي بي اسپتال) ڪوٽڙي موڪليو ويندو آهي جن کي اتان جا تجربيگار ڊاڪٽر ته ڪلينڪ (طبي) سکيا ڏيندا آهن جيڪڏهن ٽي بي اسپتال لمس ۾ ضم ٿيل هجي ها ته اسپتال کي اوجها ٽي بي اسپتال جيئان سھولتون ملي سگهن ۽ ان کان علاوه ٽي بي اسپتال ۾ ٽي بي متعلق سکيا لاءِ ايندڙ شاگرد پروفيسر ڻ جي سکيا هيٺ علم پرائي وڌيڪ لاڀ حاصل ڪري سگهن ها، پوءِ به ايندڙ شاگرد قائم ڪيل او پي ڊي جي ۾ ڪم ڪندڙ ماهر ڊاڪٽرن جي ڪري پوري سنڌ مان لڳ ڀڳ هڪ هزار مختلف مريض روزانو چيڪپ لاءِ اچن ٿا جن کي تپاسڻ ۽ بيماري متعلق جانچ ڪرڻ دوران ايندڙ لمس جي شاگردن کي سٺو تجربو ٿي ويندو آهي، خوش آئنده ڳالهھ اها آهي ته مريضن جون مڪمل ٽيسٽون مفت ۾ ڪيون وينديون آهن انهن ٽيسٽ جي روشني ۾ جيڪي مريض داخل ٿيڻ جھڙا هوندا آهن انھن کي داخل پڻ ڪيو ويندو آهي جن کي بھترين خوراڪ، فروٽ ۽ اصلي دوائون ڏنيون وينديون آهن مذڪوره ڊاڪٽرن کان معلوم ٿيو ته ٽي بي جي انهن مريضن کي الڳ سرڪاري ڪمرو ڏنو ويندو آهي جيڪي ٻين لاءِ خطري جو سبب بڻجي سگهن ٿا جڏهن ته ٻارن جو الڳ بندوبست ٿيل آهي ۽ اسپتال ۾ ٽي بي جي مريضن جي ڇاتي جا ايڪسري، کانگهاري جي ٽيسٽ لاءِ پري پري الڳ الڳ ليبارٽيون ٺھيل آھن ته جيئن بيماري ڦھلجي نه سگهي اھڙين سھولتون جي ڪري سنڌ جو مريضن سان ٽي بي اسپتال ڪوٽڙي ۾ اڪثر رش نظر ايندي آهي ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته ٽي بي اسپتال کي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ضم ڪري وڌيڪ سھولتون ڏنيون وڃن پروفيسر مقرر ڪرڻ بعد لمس جي ٽئين، چوٿين ۽ فائينل جي شاگردن کي مڪمل سکيا ڏئي ٽي بي جي وڌندڙ مرض تي ظابطو آڻي سگهجي ٿو.